گھوٽڪي جي ڪچي ۾ ٽائيم نيوز جي ٽيم پاران پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ مقابلي بعد صورتحال جي بھادري سان ڪوريج

0
701
لاڙڪاڻي ۽ خيرپور جي

گھوٽڪي (ن پ ا) گهوٽڪي جي ڪچي ۾ ٽائيم نيوز جي ٽيم طرفان پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ مقابلي بعد صورتحال جي بهادري سان ڪوريج، ٽائيم نيوز جي ٽيم مقابلي واري جاءِ تي پهتي، حبيب الله اوڳاهي پتڻ ۾ ڌاڙيلن هٿان اهلڪار جي شهيد ٿيڻ بعد اڌ کان وڌيڪ پوليس غائب ٿي وئي، رڳو ڪجهه پوليس موبائيلز نظر اچي رهيون هيون، ڪچي ۾ ڌاڙيلن جي ٺڪاڻن کي باهين سوڌو مقابلي واري جاءِ جا ٻيا منظر ٽائيم نيوز جي ٽيم رڪارڊ ڪري ورتا، ٽائيم نيوز جي ٽيم تي به ڌاڙيلن جي ڪيتري ئي دير تائين فائرنگ جاري رهي، ٽائيم نيوز جي ٽيم حد جي پوليس کي اطلاع ڏنو، پوليس مني ڪلاڪ بعد ڪچي ۾ پهتي ۽ ٽائيم نيوز جي ٽيم کي حفاظت سان پڪي جي علائقي تائين پهچايو ويو.