وزيراعظم پاران مخالف ڌر کي اليڪشني سڌارن تي ڳالھين جي دعوت

0
276
pm imran khan speech today national assembly

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اپوزيشن کي اليڪشني سڌارن تي ڳالهين جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته هن ملڪ ۾ 1970ع کانپوءِ جيڪي به اليڪشن ٿيا سي تڪراري ٿيا، هاڻي به ضمني چونڊن ۾ تڪرار ٿيو، ٻن سالن اندر چونڊ سڌارن جي ڪوشش ڪئي ته جيئن اليڪشن تسليم ڪيا وڃن، اسان سڌارا آندا جنهن تي اپوزيشن بحث ناهي ڪيو، اسان چئون ٿا ته هن ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن جو معاملو ناهي، ملڪ جو آهي. عمران خان چيو ته وقت آيو آهي ته چونڊون ٿين ته ڪنهن کي فڪر نه هجي ته ڌانڌلي سان هارايو ويندو. وزيراعظم چيو ته چونڊن ۾ ڌانڌلين ۽ بي ضابطگين کي روڪڻ جو هڪ ئي رستو اليڪٽرونڪ ووٽنگ مشين آهي، جنهن سان سموريون بي ضابطگيون ختم ٿي وينديون، جيڪڏهن اپوزيشن وٽ ڪا ٻي تجويز آهي ته اسين ٻڌڻ لاءِ تيار آهيون.