گھارو( ن پ ا) گھارو ٽائون ڪاميٽي گھارو جو ملازم سليمان شيخ سوزوڪي جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو آهي. ان ڏس ۾ ٽائون ڪاميٽي گھارو جي سامھون سوزوڪي جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا سليم پنھور ۽ سليمان شيخ زخمي ٿي پيا زخمين مان ھڪ ٽائون ڪاميٽي جي واٽر سپلائي جي انچارج سليمان شيخ کي ڪراچي نيو ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو ٻئي طرف گھارو پوليس سوزوڪي کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو سوزوڪي ڊرائيور فرار ٿي ويو.