هن پورهيت جي تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي جنهن بابت ڄاڻايو ويو آهي ته هي مسڪين پورهيت محمد خان ملاح يونين اسٽاپ چمبڙ روڊ تي هر روز مڇي جا 5-6 داڻا حيدرآباد مان وٺي اچي پنهنجي ٻچڙن جي پيٽ جي بک اجهائڻ لاءِ کپائي ٿو، هن پورهيت کي وائلڊ لائيف کاتي ٽنڊوالهيار جا اهلڪار هر روز لائسنس جي آڙ ۾ اچي تنگ ڪندا آهن، جن ناياب پکي ماري ڀينگ ڪري ڇڏي آهي انهن کي ته اهي ڪجهه ناهن چوندا، باقي روزي ڪندڙ مزدور هنن جي اک ۾ ڪنڊو آهي.