اشو آف دي ڊي قصور ٿاڻي اندر عورتن مٿان تشدد وڊيو وائرل، سوشل ميڊيا تي ردعمل

0
282
اشو آف دي ڊي قصور ٿاڻي اندر عورتن مٿان تشدد وڊيو وائرل، سوشل ميڊيا تي ردعمل

 قصور ٿاڻي ۾ عورتن مٿان تشدد ڪرڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي جنهن بعد حڪمرانن ۽ پوليس نظام مٿان تنقيد شروع ٿي وئي ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو. علي ملڪ ايڊووڪيٽ وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته قصور ٿاڻي ۾ سب انسپيڪٽر حيدر علي جي ڪمري ۾ ساجدا نالي پرائيويٽ عورت ڪنهن ڪيس ۾ جاچ ۾ شامل ٻن عورتن مٿان جوتن سان تشدد ڪري رهي آهي جڏهن ته ڪانسٽيبل عائشه ان جي وڊيو ٺاهي رهي آهي،

اها روايت ڇو عروج تي پهچي وئي آهي جيڪڏهن اهي عورتون ڪنهن ڏوهه ۾ شامل آهن ته قانون موجب سزا ڏني وڃي. حامد مير قصور ٿاڻي ۾ عورتن مٿان تشدد ڪرڻ جي وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته هي آهي اسان جو نئون پاڪستان، قصور جي صدر ٿاڻي ۾ تشدد جي وڊيو سامهون اچڻ تي پنجاب پوليس جي ذميوارن خلاف ڪارروائي جو هڪ روايتي اعلان ته ڪري ڇڏيو پر سوال اهو آهي  پنجاب جي ٿاڻن ۾ جيڪڏهن عورتن سان اهو ورتاءُ آهي ته مردن سان ڇا ٿيندو هوندو؟ جنهن تي پنجاب پوليس جي آفيشل پاران لکيو ويو ته آءِ جي پنجاب واقعي ۾ ملوث ليڊي ڪانسٽيبل ۽ پوليس اهلڪار کي نوڪري مان ڪڍڻ جو حڪم ڏنو آهي واقعي ۾ ملوث پرائيويٽ عورت ۽ اهلڪارن کي سخت سزا ڏياري ويندي، پوليس ۾ اهڙين ڪارين رڍن جي جاءِ ناهي،

شيخ عبدالرحمان لکيو ته پهريان اهو پتو ته ڪيو وڃي ته انهن جو ڪهڙو ڏوهه ڀهي، شڪيل علوي لکيو ته اهي سڀ فرضي اعلان هوندا آهن مظلوم ماڻهن کي ڪوڙو ڏٽو ڏنو ويندو آهي انهي جو هڪ مثال اهو آهي ته منهنجي ڪيس ۾ ثابت ٿيل جوابدار انسپيڪٽر امير علي خلاف اڃا تائين ڪارروائي ناهي ٿي، شعيب عباسي لکيو ته جتي اهو ٿي رهيو آهي اتي ڇا ڇا نه ٿيندو هوندو، نمرا لکيو ته هن ملڪ ۾ ڪنهن جي عزت محفوظ ناهي هاڻ ته عورتون به عورتن جي عزت نٿيون ڪن مردن کي ڇا چوندا. سعيده قاضي لکيو ته پوليس ته سدائين ايئن ئي آهي، افضل لکيو ته ٿاڻي ڪلچر کي ايئن ڪنهن بڻايو آهي؟ اسرار احمد راجپوت وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته قصور ۾ پرائيويٽ عورت کان ڪيس ۾ شامل عورتن مٿان تشدد ڪيو ويو ان جي مذمت ڪجي ٿي.