ھڪ جپسي ڪالم … ھڪ اجري صبح جو خواب

0
153
ھڪ جپسي ڪالم ... ھڪ اجري صبح جو خواب

اسان کي ڪچھري ڪندي لڳ ڀڳ 2 ڪلاڪ ٿي چڪا ھئا. ان وچ ۾ اسان چانھ جا ٻه دؤر ھلائي چڪا ھئاسين. ڪامريڊ مٺڻ جي فليٽ ۾ مان، منھنجي گھر واري عابده، ڪامريڊ مٺڻ، ھن جي نياڻي ۽ منھنجو پٽ خالد موجود ھئاسين.

                 ھڪ رات اڳ ۾، جڏھن روھڙيءَ کان ٽرين وٺي ڪراچيءَ اچي رھيو ھيس ته جھمپير اسٽيشن تان صبح جو گذرندي ۽ پنھنجي محبوب دوست رسول بخش درس (جنھن کي مرحوم لکڻ کي ھمٿ اڃان تائين نه ڪري سگھيو آھيان) کي ياد ڪندي، ڪامريڊ مٺڻ کي ميسيج ڪيو ھئم ته شام تائين ڪراچيءَ ۾ آھيان، ملي سگھجي ٿو! ته ڪامريڊ جو ٻن منٽن اندر جواب آيو، “ضرور اچو، اڄ مان شيلٽر ھوم ڊيوٽيءَ تي نه وينديس، سڄو ڏينھن گھر آھيان”. ڪامريڊ مٺڻ ڪراچيءَ ۾ ھڪ شيلٽر ھوم ۾ ريھيبيليٽيشن آفيسر آھن. مان پنھنجي پٽ خالد جي ڪلفٽن واري فليٽ ۾ اچي ٿورڙي ننڊ ڪئي، ڇو ته سڄي رات ٽرين ورڪنگ ۾ اوجاڳي جي ڪري مٿي ۾ شديد سور ھو. ننڊ ڪرڻ کان اڳ ۾ خالدَ پنھنجي پوري فئملي ٻئي ڪمري ۾ شفٽ ڪري ڇڏي ۽ اي سي جو ٿرمو ڊائل 20 تي ڪري پاڻ به جون مھيني ۾ ڀڪ واري گرم ڪمري ۾ ٻارڙن سان ويھي رھيو ۽ اتي ئي ڪمپيوٽر پروگرامنگ ڪرڻ لڳو. لڳ ڀڳ ٻه ڪلاڪ ننڊ بعد دماغ ڪجھ جاءِ تي آيو ۽ سوچڻ سمجھڻ جون مليل سھولتون ھوريان ھوريان ايڪٽيو ٿيڻ لڳيون. ٿوري دير ۾ خالد پنھنجي 150 سي سي جي بائڪ ڪڍي آيو ۽ مون کي ۽ عابده کي پوئتان ويھاري ڪامريڊ جي گھر طرف روانو ٿي ويو. رستي ۾ خالد بائڪ کي ايئن ھلائي رھيو ھو، ڄڻ پھاڙن تي ھائڪنگ ڪندو ھجي، ۽ عابده کي ته ياد ھو پر مون کي پنھنجي بچاءَ طور سوره ياسين بلڪل ياد نه هئي. ننڍپڻ ۾ قران مجيد جي ٽيھين سيپاري جون لڳ ڀڳ ساريون سورتون ياد ھونديون ھيون، مگر پوءِ ھڪ ھڪ ڪري سموريون آيتون وسري ويون. ھن مھل مشڪل سان الحمد شريف ۽ سوره اخلاص ياد اٿم. ڳوٺ ۾ بابا صبح جي نماز پڙھي گھر ايندو ھو ته کٽ جي ويھاڻي تي قران مجيد رکي وڏي آواز سان سوره ياسين پڙھندو ھو ۽ اسان ننڍڙن ٻارڙن جون ننڊاکڙيون اکيون بابا جي تلاوت جي آواز تي کُلنديون ھيون، تان جو پرائمري پاس ڪرڻ تائين مون کي ٻڌي ٻڌي پوري سوره ياسين ياد ٿي وئي ھئي.

ڪامريڊ مٺڻ جي رھائش واري پلازه لڳ ڀڳ 6 منزله ته ضرور ھوندي. پاڻ ھيٺ لھي آيون ھيون ۽ ھينڊ شيڪ ڪري لفٽ ذريعي مٿي وٺي ھليون. ڪامريڊ مٺڻ جا وڏا  بلوچستان جي ڀاڳ ناڙي علائقي جا آھن. اتي مٺڻ جي بابا جو قائم ڪيل پھريون گرلس اسڪول اڄ به کليل آھي، جتي مٺڻ جي ڳوٺ جون نياڻيون اڄ به پڙھي رھيون آھن. مٺڻ جيڪب آباد ۾ جنم ورتو ۽ اتي به ھن جي بابا پنھنجي اوطاق جو ڳپل حصو ڇوڪرين جي تعليم لاءِ اسڪول طور ڊونيٽ ڪيو. مٺڻ جيڪب آباد ۾ پرائمري تائين تعليم ورتي ۽ پوءِ ھي پريوار ڪراچيءَ شفٽ ٿي آيو، جتي ڪامريڊ مٺڻ ماسٽرس تائين تعليم ورتي. ڪامريڊ مٺڻ مرڪي ٻڌائي رھيو ھيون ته، “منھنجي پئدائش بابا جي روپوشيءَ دوران لاڙڪاڻي جي ڀڪ ۾ کھاوڙن جي هڪ ڳوٺ ۾ ٿي ھئي. ايئن ھڪ رولاڪ زندگيءَ جي سُتي مون کي ڄڻ ته پئدائش کان پيل آھي”. ڪامريڊ مٺڻ جو پنھنجي بابا جي ڪري سوشلسٽ فڪر سان گھرو واسطو رھيو ۽ پاڻ ان فڪر ۾ ايترو ته رچي ويون جو ننڍي عمر ۾ ئي ھن تي “ڪامريڊ مٺڻ” نالو پئجي ويو.

ڪامريڊ چانھ جي ڪوپ ۾ چمچو گھمائيندي ٻڌائي رھيو ھيون ته، “اسان جا وڏا اڳ ۾ بلوچستان جي اھڙي علائقي ۾ رھندا ھئا، جتي عورتن کي صدين کان ھڪ غلام ۽ ٻار ڄڻڻ جي ھڪ مشين طور سڃاڻپ مليل ھئي، اھڙي غير فطري ۽ ھٿ ٺوڪيل رسمن واري ماحول ۾ بابا جو پاڻ ماسٽرس تائين تعليم پرائڻ ۽ وڪالت ڪرڻ ۽ ان بعد پنھنجي نياڻين کي پڙھائڻ ھڪ اھڙو عجيب عمل ھو، جنھن اسان جي وڏي عمر جي سومرن ۽ سردارن کي چيڙائي وڌو ھو. بابا هڪ  تعليم يافته انسان ھئا ۽ سوشلسٽ ھئڻ جي ڪري کين تعليم جي اھميت جي ڀلي ڀت ڄاڻ ھئي، ان ڪري اسان جو بابا ھڪ آئرن شيلڊ جيان اسان چئن ڀينرن جي حفاظت ۾ بيھجي ويو ھئو پر جڏھن سختيون ۽ مخالفتون حد کان وڌي ويون ته بابا پنھنجو علائقو ئي ڇڏي ڏنو ۽ ڪراچي شفٽ ٿي آيا، جتي اسان جي خاندان کي ڪجھ سڪون نصيب ٿيو. اسان جون زمينون ۽ گھر ھاڻ به بلوچستان ۽ سنڌ جي دنگ تي موجود آھن پر ھاڻ اسان جو ڳوٺ اسان جي رڳو خوابن ۾ ئي زندھ آھي”.

ڪامريڊ مٺڻ جي شادي به ھڪ ڳوڙھي پڙھيل لکيل سوشلسٽ ڪامريڊ خادم ٿھيم سان ٿي، جيڪو اسان سڀن جي يارِ غار مجيد ٿھيم جو ويجھو مائٽ آھي. ڪڏھن ڪڏھن مجيد ٿھيم به ڪامريڊ مٺڻ جو ذڪر ھڪ خاص احترام ۽ نوڙت واري انداز ۾ ڪندا آھن. مزي جي ڳالھ ته سوويت يونين جي ڀڃ ڊاهه پڄاڻان ٻين سوشلسٽن جيان ھي خاندان بلڪل به نظرياتي طور تي مايوس ڪونه ٿيو، بلڪه ٻنھي زال مڙسن پنھنجي پنھنجي نظريي تي سختيءَ سان اعتبار رکيو ۽ پنھنجي فڪري پٽڙيءَ تان ڪڏھن به ‘ڊي ريل’ نه ٿيا، نه ته سَوَ مان 95 ڪامريڊ مايوس ٿي عجيب عجيب ڪاسٽيوم پھري پاڻ تي ۽ ھڪ سھڻي نظريي تي ماڻھن کي کلائڻ جھڙيون حرڪتون ڪرڻ لڳا ھئا. ڪن پنھنجي ڳچيءَ ۾ ماني پچائڻ وارو تَئو لڙڪايو ۽ شھر شھر ۾ عجيب عجيب قسمن جا ھوڪا ڏيڻ لڳا، ته ڪن وڃي مئخانا وسايا ۽ ڪي وري حڪومتي ڪاريڊورس ۾ پاڻ کي گم ڪري ۽ براءِ فروخت جا اشتھار بڻجي ظاھر ٿيا پر ڪراچيءَ ۾ رھندڙ ھن ڪامريڊ گھراڻي ڪڏھن به ۽ ڪنھن به قسم جي مايوسيءَ جو اظھار نه ڪيو ۽ پنھنجي عالمگير نظريي تي سالڊ ۽ ڪنڪريٽ جي ديوار جيان سربلند بيٺا رهيا. حالانڪه ھاڻ ڪامريڊ مٺڻ ۽ ڪامريڊ خادم پنھنجا پنھنجا دڳ وٺي الڳ ٿي چڪا آھن ۽ ٻنھي ۾ طلاق ٿي وئي آھي.

ڪامريڊ مٺڻ سان ڳالھيون ڪندي وقت گذرڻ جو احساس ئي ڪونه ٿيو، ڳالھين مان ڳالھيون ڪڍڻ جو فن ڪو ڪامريڊ مٺڻ کان سکي. ڪامريڊ جي جملن جي ادائيگي ايڏي ته تُز، اڪيوريٽ ۽ سجائتي ھوندي آھي، جو ان ڪچھريءَ جو سواد اڄ به يادن ۽ حواسن ۾ پنھنجي مڪمل مٺاڻ سان موجود آھي. ڪامريڊ جي فليٽ تي ٽي ڪلاڪ ڪچھري ڪري اسان جڏھن اتان نڪتا ھئاسين ته محسوس ڪري رھيا ھئاسين، ڄڻ اسان جي نظريي جي خُرجين ھزار قسم جي رنگين ڳالھين سان ٽٻ ٽار ڀرجي وئي آھي، اسان وٽ ڪامريڊ مٺڻ سان گذاريل ۽ ھن جي ٻڌايل ڳالھين جا ڀنڊار اڄ به موجود آھن ۽ جن ڳالھين جا ريفرنسز مان ٿورو ٿورو ڪري ياعمر استعمال ڪندو رھندس. ڪامريڊ مٺڻ اڄ ڪلھ پنھنجي جيون جي يادداشتن جي ڪتاب تي ڪم ڪري رھيون آھن، جنھن سان اسان جھڙن سوشلسٽ شاگردن کي ھڪ سھڻي نظريي ۽ ان نظريي جي عاشقن پاران طئي ڪيل ھڪ طويل مسافتن واري سفر جي ڄاڻ پوندي ۽ اسان محسوس ڪري سگھنداسين ته ڪامريڊ حسن ناصر کان وٺي ڪامريڊ منظور رضيءَ، ڪامريڊ مشتاق خان ۽ ڪامريڊ مٺڻ تائين اسان جي ھن ڪمال مزدور ۽ انسان پسند نظريي کي ڇو پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ اسرڻ ئي ڪو نه ڏنو؟ ھن نظريي جي عاشقن ھر اھا قرباني پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ ڏني آھي، جيڪا ممڪن حدن تائين ڏئي سگهجي ٿي، پر پاڪستاني اشرافيه جي ٺاھيل ھٿ ٺوڪي تاريخ ۽ تعليمي نصاب جي ٿاڦڻ جي ڪري اڄ اسان جو نوجوان نسل دنيا جي وھنوار ۾ بلڪل به با اعتماد ٿي ھلڻ جي قابل نه رھيو آھي. اڄ اسان جي نئين نسل جي پاڙ ۾ سچائيءَ واري ھڪ تند به بچي ڪانھي. پاڪستاني تاريخ جي انھن اونداهين ڳالھين اسان جي نوجوان نسل کي نه ھِتان جو ڇڏيو آھي، نه ھُتان جو. هتي اسان جي چوڌار ھڪ اھڙو عجيب ۽ ڀٽڪيل نسل پروان چڙهي چڪو آھي، جيڪو سمجھي ٿو ته اسان پاڪستانين جو ظلِ الاھي اورنگزيب عالمگير قرآن مجيد جا نسخا لکي وڪڻندو ھو ۽ پنھنجو پيٽ پاليندو ھو، ھن پنھنجي خزاني مان ھڪ اشرفي به پنھنجي ذات تي خرچ نه ڪئي ھئي ۽ اھو به ته حضرت عمر رضه جي خلافت کان وٺي سنڌ تي عربن جيڪي ڪاھون ڪيون، اھي ھڪ عورت جي “بچايو، بچايو” دانھن جي موٽَ ۾ ڪيون ھيون، تان جو محمد بن قاسمَ آخرڪار منجنيقن جي مدد سان سنڌ فتح ڪري ورتي. ڪامريڊ مٺڻ ۽ ھن جو سفر بغير ڪنھن وڌاءَ جي سنڌ جي سچي ڪامريڊياڻيءَ جو هڪ اھڙو سفر آھي،/ڏسو صفحو 2 بقايا 01