اسرائيل جا جنگي ڏوهه ۽ عالمي برادريءَ جي مجرماڻي ماٺ

0
214
اسرائيل جا جنگي ڏوهه ۽ عالمي برادريءَ جي مجرماڻي ماٺ

 قديم زماني ۾ جنگين دوران يا انهن کانسواءِ به انسانن تي ظلم ۽ جبر کي انتهائي خراب سمجهيو ويندو هو ۽ عالمي سطح تي ڪو به اهڙو قانون يا دستور نه هو، جنهن سان انساني حقن کي ڪو تحفظ ملي سگهي. مختلف مذهبن ۾ دشمن ملڪ جي عام شهرين، عورتن ۽ ٻارن سان همدرداڻي ورتا جي تلقين ڪئي وئي آهي پر جڏهن ٻن مختلف مذهبن جي ماڻهن وچ ۾ جنگ لڳي وڃي ته پو اهڙا سڀ اصول مٽي ۽ ڌوڙ ٿي ويندا آهن، پوءِ “ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا” وارو قانون هلندو آهي. جنهن کي جيڪو وڻي اهو ظلم ۽ جبر ڪري ڏيکاريندو آهي، جيڪو هاڻ به ٿي رهيو آهي. صدين کان اهڙين جنگين ڪري ڪروڙين ماڻهو مارجي ويا. پوءِ هوريان هوريان انهن جنگي ڏوهن کي روڪڻ لاءِ ڪوششون شروع ٿيون، جيئن انساني نسل کي ڪنهن حد تائين بچائي سگهجي.

                 19هين صديءَ ۾ اهڙي ضرورت محسوس ڪئي وئي ته اهڙو بين الاقوامي قانون آندو وڃي، جنهن کي هر ملڪ تسليم ڪري ۽ ان تي عمل به ڪري ۽ ان تي عمل جو پابند به هجي. جنهن کانپوءِ20 هين صدي ۾ ڪيترائي بين الاقوامي قانون جوڙيا ويا، جن ۾ هڪ “جنيوا ڪنوينشن” به آهي. هي اهڙا قانون آهن، جيڪي صرف هٿياربند ويڙهه جي وقت ۾ لاڳو ٿيندا آهن ۽ صرف انهن ماڻهن کي تحفظ فراهم ڪندا آهن، جيڪي جنگ ۾ حصو ناهن وٺندا. هن وقت به فلسطين ۾ اسرائيل جي بمباري سبب جيڪا تباهي ٿي آهي، عالمي برادري به انهن قانونن تي عمل جي گهر ڪري رهي آهي ته ان ۾ اسرائيل حماس بجاءِ عام شهرين جو قتل عام ڪري رهيو آهي، ان ڪري ان تي عالمي فوجداري جو ڪيس هلائڻ گهرجي. ان حوالي سان برطانيا ۾ فلسطين جي سفير حسام زملت عالمي برادري کان گهر ڪئي آهي ته اسرائيل غزه جو گهيرو ڪري ان جو راشن پاڻي بند ڪري انهن تي بم وسائي قتل عام ڪري رهيو آهي ۽ ڪيميڪل وار به شروع ڪري ڇڏي آهي، جنهن سان هزارين عام شهري مارجي ويا آهن. عام ماڻهن خلاف اڇو فاسفورس بم استعمال ڪري عالمي جنگي قانونن جي سرعام ڀڃڪڙي ڪئي آهي. ان ڪري اسرائيل کي جنگي ڏوهاري قرار ڏئي ان تي ڪيس هلائي بمباري کي بند ڪرايو وڃي.

جنگي ڏوهه ڇا آهي؟

جنيوا ڪنوينشن 1949ع ۾ٺهيل ان قانون تي هن وقت تائين 196 ملڪن صحيحون ڪيون آهن. پر ان جي هر شق تي هر ملڪ صحيح ناهي ڪئي ۽ اڪثر ملڪن پنهنجي من ماني ڪري پنهنجي پسند جي شقن کي تسليم ڪيو آهي. اهڙي طرح ان جي سمورين شقن کي متفق قانون به نه ٿو چئي سگهجي. ان معاهدي جي شق 8 ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڄاڻي واڻي شهري آبادي خلاف حملن جي هدايت ڏيڻ، يا انفرادي شهرين خلاف جيڪي ان دشمني ۾ سڌو سنئون حصو نه وٺندا هجنم حملا به جنگي ڏوهه آهي. ان ئي شق نمبر 8 B3 ۾ چيو ويو آهي ته ڄاڻي واڻي گڏيل قومن جي چارٽر مطابق انساني امداد يا امن مشن ۾ شامل ماڻهن، ٺڪاڻن، مواد، يونٽن يا گاڏين خلاف حملن جي هدايت ڏيڻ به جنگي ڏوهه جي ذمري ۾ اچي ٿو.

آرٽيڪل 8 جي شق 7 اي ۾ چيو ويو آهي ته غير قانوني منتقلي يا ملڪ بدري به جنگي ڏوهه جي ذمري ۾ اچي ٿي. اسرائيل تازو ئي غزه جي اڌ آبادي کي پنهنجو علائقو ڇڏي وڃڻ جي وارننگ به ڏئي ڇڏي آهي. جڏهن ته بين الاقوامي قانون جي گهر آهي ته ضرورتمند شهرين لاءِ انساني امداد جي تيز رفتار منتقلي هر صورت ۾ بحال هجڻ گهرجي، جيڪا اسرائيل روڪيو ويٺو آهي. جنگ هجي يا امن، ان ۾ هر متاثر علائقي جي ماڻهن کي خوراڪ، پاڻي، طبي سامان، پيٽرول، گئس بجلي سميت زندگي جي ضرورت جي شئي فراهم ڪرڻ ضروري آهي، شهرين کي بک مارڻ به وڏو جنگي ڏوهه آهي. ان جي باوجود اسرائيل حماس جي حملن بعد غزه جي مڪمل طور تي ناڪابندي ڪري هر شئي بند ڪري ڇڏي آهي.

اڇو فاسفورس

اسرائيل غزه تي هونءَ ته روزانو ڪيترن ئي هٿيارن سان حملا ۽ مختلف قسمن جا راڪيٽ ۽ بم وسائي رهيو آهي پر انهن ۾ هڪ هٿيار اهڙو آهي، جنهن تي پوري دنيا جي انساني حقن جي ادارن کي سخت اعتراض آهي. اهو هٿيار وائيٽ فاسفورس جو بم آهي. هيومن رائيٽس واچ ۽ ايمنسٽي انٽرنيشنل ٻنهي ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته اسرائيل تازو ئي غزه تي انهن وائيٽ فاسفورس بمن جو تمام گهڻو استعمال ڪيو آهي. هيومن رائيٽس واچ ٻڌايو آهي ته انهن وڊيوز ۽ انٽرويوز جي مدد سان ڪيتريون ئي شاهديون گڏ ڪيون آهن ته اسرائيل غزه جي ٻن هنڌن تي وائيٽ فاسفورس بمن جو استعمال ڪيو آهي. ان کانسواءِ ايمنسٽي انٽرنيشنل جي ڪرائسسس ايويڊنس ليبارٽري به جاچ بعد شاهديون فراهم ڪندي ٻڌايو آهي ته اسرائيلي ڊفينس فورس غزه جي ڳتيل آبادين تي وائيٽ فاسفورس بمن سان حملا ڪري عام ماڻهن جو قتل عام ڪيو آهي. ايمنسٽي انٽرنيشنل B825  ۽ M825A1 جي گولن جون تصويرون ڏيکاريون آهن. وڏي ڳالهه اها آهي ته اهي مٿيان ڪوڊ وائيٽ فاسفورس بمن جا آهن، جيڪي اسرائيل جا نه پر اهي آمريڪي دفاع واري اداري جا آهن، جن اهو وائيٽ فاسفورس بم ايجاد ڪيو، جيڪو هاڻ اسرائيل غزه تي عام ماڻهن جي قتل عام ۾ استعمال ڪري رهيو آهي.

اڇو فاسفورس بطور هٿيار ڪڏهن استعمال ٿيو؟

فاسفورس هڪ وڏي وقت کان جنگي مقصدن لاءِ بطور هٿيار ۽ دونهون پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. برطانيا ۽ آمريڪا پهرين عالمي جنگ ۾ فاسفورس جا گرنيڊ، موٽر ۽ راڪيٽ تيار ڪيا هئا، جن کي وڏي پئماني تي مخالف فوج خلاف استعمال ڪيو. ساڳيا ئي هٿيار ٻي مهاڀاري جنگ ۾ به استعمال ڪيا ويا. ان کانپوءِ 1960ع ۾آمريڪا اهڙو فاسفورس بم تيار ڪري ويٽنام ۽ پوءِ2004  ۾ عراق ۾ به وڏي پئماني تي استعمال ڪيو. 2009 ۾ آمريڪا طالبان تي الزام مڙهيو ته انهن اهي فاسفورس بم شهرين تي وسايا آهن. ان کانسواءِ شام جي گهرو ويڙهه ۾ به اهو ئي هٿيار وڏي پئماني تي استعمال ڪيو ويو آهي. 2022 ۾ يوڪرين جي صدر زيلينسڪي نيٽو اجلاس ۾ رڙيون ڪيون ته روس سندس شهرين تي وائيٽ فاسفورس بم وسايا آهن.

سفيد فاسفورس ڇا آهي؟

اڇو فاسفورس ڪيميائي مادو آهي، جنهن جي علامت P آهي ۽ ان جو ايٽمي نمبر 15 آهي. ان جا ٻه قسم يعني اڇو ۽ ڳاڙهو آهن. اهو ڪيترين ئي معدني شين ۾ وڏي پئماني تي ملي ويندو آهي پر خالص حالت ۾ نه. ان کي ٻين مادن سان ملائي تيار ڪيو ويندو آهي. اهو مادو زندگي لاءِ به ضروي هوندو آهي، جهڙوڪ: هڏين ۽ ڊي اين اي وارن معاملن ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي پر هاڻ ان جو غلط استعمال شروع ڪيو ويو آهي. اڇو فاسفورس ميڻ جيان هوندو آهي ۽ ان ۾ ٿوم جهڙي بوءِ ٿيندي آهي ۽ اهو بي رنگو يا وري هلڪي هيڊي رنگ جهڙو ٿيندو آهي. خالص فاسفورس هوا ۾ موجود آڪسيجن سان ملي فورن ڦاٽي پوندو آهي ۽ ان وقت ان مان تيز روشني سان گڏ دونهون به نڪرندو آهي. جنگين دوران اهو دونهون فوجي مقصدن لاءِ استعمال ٿيندو آهي.

وائيٽ فاسفورس زمين تي ڪرندي ئي وڏي باهه ڀڙڪائي ڇڏيندو آهي، جنهن جو گرمي پد 800 ڊگري سيلسيئس تائين پهچي ويندو آهي، جڏهن ته ان جي مقابلي ۾ ڪاٺيءَ جي باهه جو گرمي پد 600 ڊگري جي لڳ ڀڳ هوندو آهي. اهو مادو عمارتن، ڪپڙن ۽ جسم تي ڪرندي ئي چنبڙي پوندو آهي ۽ ان مان نڪرندڙ باهه جڏهن زمين ۽ ڪاٺ کي ئي ساڙي ٿي ڇڏي ته پوءِ انساني جسم سان ڇا نه ڪندي هوندي، اهو اوهان پاڻ ئي اندازو ڪري سگهو ٿا. هيومن رائيٽس واچ جي ماهر ڊاڪٽر رولا بولام هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته اهو بم هر شئي کي ساڙي تباهه ڪري ڇڏيندو آهي. اهو مادو جڏهن هڪ ڌاتوءَ کي ئي ساڙي تباهه ٿو ڪري ڇڏي ته پوءِ انساني گوشت جي ان اڳيان ڪهڙي اهميت آهي!

ڇا اڇي فاسفورس جو استعمال جنگي ڏوهه آهي؟

بين الاقوامي قانون تحت اڇو فاسفورس بندش پيل ڪيميائي هٿيارن جي ذمري ۾ نه ٿو اچي، ڇو جو اهو هٿيار بندش پيل ڪيميائي هٿيارن جي ڪنوينشن جو حصو ئي ناهي، نه ئي اڄ تائين ڪنهن ملڪ ان کي ان ڪنوينشن ۾ شامل ڪرڻ جي ڪا گهر ئي ڪئي آهي. بين الاقوامي قانون تحت جنگ دوران ڪنهن به فوجي ڌڙي لاءِ لازمي آهي ته هو ان ڳالهه جو خيال رکي ته هو پنهنجا هيٿيار صرف فوجي ٺڪاڻن يا پنهنجي هٿياربند دشمن خلاف استعمال ڪري، جڏهن ته غزه دنيا جي ڳتيل آبادين وارن شهرن ۾ شمار ڪيو ويندو آهي، انڪري جيڪڏهن اسرائيل اها دعوا ڪري ته انهن اهو هٿيارن غزه ۾ حماس جي ويڙهاڪن خلاف استعمال ڪيو آهي ته پوءِ اهو بين الاقوامي قانونن جي روشني ۾قابل قبول ناهي، ڇو ته اهو فاسفورس بم شهري آبادي، اسپتالن، هوٽلن ۽ گهرن تي ڪيرايو ويو آهي، جنهن جا وڊيوز ثبوت به پوري دنيا جي ميڊيا ڏيکاري رهي آهي.

هيومن رائيٽس واچ ان ئي حوالي سان مطالبو ڪيو آهي ته اڇي فاسفورس کي ڪيميائي هٿيارن جي پروٽوڪول ٿري ۾ شامل ڪري ان جي روڪٿام ڪئي وڃي. واچ اهو به چيو آهي ته دنيا جا ڪجهه سپر پاور ملڪ اسان جي ان ڪوششن ۾ رڪاوٽون وجهي رهيا آهن ۽ هو پنهنجي مفادن ۾ ائين ڪرڻ به نه ڏيندا. اداري مطالبو ڪيو آهي ته ان وائيٽ فاسفورس جي استعمال تي مڪمل طور پابند هڻي انسانن جي قتل عام کي روڪيو وڃي. جڏهن ته گڏيل قومن جي ڪيميائي هٿيارن جي پروٽوڪول ٿري کي 130 ملڪن قبول ڪيو آهي يا ان تي صحيون ڪيون آهن پر ان ۾ اسرائيل ۽ آمريڪا شامل ناهن. اهو پروٽوڪول آتشي هٿيارن بابت آهي. پروٽوڪول ٿري تحت شهري علائقن تي آتشي هٿيار استعمال نه ٿا ڪري سگهجن ۽ نه ئي ان قسم جو ڪو هٿيار هوا مان ڪنهن اهڙي فوجي علائقي تي اڇلي سگهجي ٿو، جتي عام شهرين جي موجودگي جو انديشو هجي. ان حوالي سان ڏٺو وڃي ته اسرائيل غزه تي وائيٽ فاسفورس سان جيڪا بمباري ڪري سوين ماڻهن کي ماريو آهي، اهو سڌو سنئون جنگي ڏوهه ۾ شمار ٿئي ٿو.

گڏيل قومن جي هيومن رائيٽس ڪائونسل جي سربراهه به چيو آهي ته غزه تي اسرائيلي حملا جنگي جرم جي ذمري ۾ اچن ٿا. مشيل بيچليٽ چيو آهي ته اسان کي اهڙا ڪي به ثبوت ناهن مليا، جنهن تحت جن علائقن تي اسرائيل بمباري ڪئي آهي، اهي حماس ويڙهاڪن جا هٿياربند ٺڪاڻا هجن. اهي عام عمارتون هيون، جتي شهري آبادي هئي. هن چيو ته جيڪڏهن اسرائيل کي پنهنجي شهرين جي دفاع جو حق آهي ته پوءِ اهو حق فلسطينين کي به حاصل آهي. اسرائيل هن وقت به وائيٽ فاسفورس جا حملا جاري رکندو پيو اچي. غزه جي ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته وائيٽ فاسفورس جي حملن سان ماڻهن جو سڄو جسم سڙي ٿو وڃي. ٻين حملن ۾ زخمي ماڻهن جو بچڻ ڪجهه ممڪن هوندو آهي پر سڄو سڙي ويل انسان جو ٺيڪ ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي ۽ ان لاءِ اسان وٽ برنس وارڊ ۽ ان جو علاج به ناهي، جڏهن ته عرب ملڪن جون سرحدون به اسان لاءِ بند آهن ته اسان انهن کي ڪيڏانهن کڻي وڃون.