مفادن جي لڙائي سبب ڏکيا ڏينھن ڏسندڙ عوام

0
135
مفادن جي لڙائي سبب ڏکيا ڏينھن ڏسندڙ عوام

 روز ورزش خاطر پنڌ ڪندي ھڪ اسڪول وٽان لنگھندو آھيان. تنھن اسڪول جونالو مڌر ٽريسا اسڪول آھي. ھن اسڪول تي اھو نالو مڌر ٽريسا جي خدمتن جي مڃتا طور رکيو ويو آھي. مشرقي يورپ جي ملڪ البانيا ڄائي ھن عورت ھندستان ۾ غريب مريضن جي خدمت لاءِ پنھنجي زندگي ارپي ڇڏي ھئي. انسانيت لاءِ سندس خدمتن جي مڃتا طور کيس سڄي دنيا ۾ احترام وارو مقام حاصل ٿي ويو. ائين  ٿورو وقت اڳ ڪراچي شھر ۾ ڪوڙھ جي مريضن جي علاج لاءِ زندگي ارپيندڙ جرمن ڄائي ڊاڪٽر رٿ فائو جي خدمتن جي ساراھ ٿي. گھڻن ماڻھن کي سندس ڊگھين خدمتن جي خبر مرڻ کان پوءِ سندس ٿيل واکاڻ مان پئي.

                 مون کي سنڌ اسيمبلي جو اھو منظر به ياد اچي ٿو، جڏھن جھوپڙيءَ ۾ غريب ٻارن کي تعليم ڏيندڙ ھڪ معذور ۽ ڪمزور عورت آسو ٻائي ڪولھي جي سنڌ اسيمبلي آمد تي اسميبلي جي ميمبرن گرمجوشي سان سندس آجيان ڪئي هئي. سندس ڪردار جي مڃتا جو سبب سندس  اھي رضاڪارڻيون خدمتون آھن، جيڪي ھوءَ ٻين جي ڪوتاھين سبب ٿيندڙ خال کي ڀرڻ لاءِ پنھنجو حصو وجھي ڪندي  رھي ٿي. جتي اھو منظر آسو ٻائي ڪولھي جي خدمتن جي مڃتا ھئي، اتي اھو انھن بااثر ۽ قوم جي قيادت ۽ حڪمراني ڪندڙ  اڳواڻن جي ڪارڪردگي تي عدم اعتماد به ھو. ھو ائين ڪندي ڄڻ ته پنھنجيون ڪوتاھيون مڃي رھيا ھئا. جيڪڏھن ھي با اختيار ماڻھو پنھنجون ذميواريون پوريون ڪندا اچن ھا ته آسو ٻائي جھڙن ڪردان جي معاشري ۾ گھرج گھٽ پوي ھا.

حڪومت جي خراب ڪارڪردگي، ادارن جو نه ھجڻ يا انھن جي غير موثر ھجڻ ڪري  سوسائٽي جا ڪيئي حساس ماڻھو تعليم، صحت، روزگار، ڪٿي انساني حقن جي لتاڙ تي مظلومن جي داد رسي لاءِ اڳتي اچن ٿا. بدين ضلعي جو ڊاڪٽر سومار کوسو غريب ٻارن  کي تعليم ڏيڻ سان گڏ سندن بکيي پيٽ جو فڪر ڪندي کين اسڪول ۾ محدود وسيلن جي باوجود برنچ کارائي ٿو. ٺٽي جي امبرين راھو سالن جا سال وڻ جي ڇانوَ ھيٺ سڄو ڏينھن غريب ٻارن کي پڙھائيندي رھي آھي.  نور محمد بجير سول سوسائٽي سپورٽ پروگرام جي پليٽ فارم تان نوجوانن جي تربيت ڪرائي کين روزگار لائق بڻائڻ جون ڪوششون ڪندو رھي ٿو. ڊاڪٽر محمد خان شيخ صحت جي شعبي ۾ خدمتون ڪندي مفت طبي سھولتون ڏيارڻ يا مفت اکين جا ڪيمپ لڳرائڻ لاءِ جتن ڪري ٿو. سکر شھر ۾  فرزانه کوسو “فيري ھوم” ٺاھي معصوم پَرين کي پيار ڏئي کين محرومي مان ڪڍڻ چاھي ٿي ته ڪٿي ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو ۽ سنڌو نواز گھانگھرو ڪنھن سان ڏاڍائي تي تڙپي ان جي داد رسي لاءِ پھچن ٿيون. علي پلھ ۽ محمد خان شيخ جھڙا وڪيل کين مفت قانوني مدد فراھم ڪن ٿا. اھڙا کوڙ ڪردار ملڪ اندر سرڪاري ڪوتاھي سبب پئدا ٿيندڙ مسئلن جي ڪري بي چين ٿي پنھنجو ڪردار ادا ڪن ٿا.

ھن جھان ۾ طاقتور ماڻھو، لابيون، حڪومتون ۽ دنيا جا پاور ڪمزورن سان ناانصافي ڪندي سندن حقن جي لتاڙ ڪن ٿا. طاقتور ڌريون ڪمزورن جو حصو ڦٻائي، قومي وسيلن ۽  آمدني جي ذريعن تي قابض ٿي، ان کي  ماڻھن تي خرچ ڪرڻ بجاءِ ان جو گھڻو حصو پاڻ ۾ ورھائي دولتمند ٿين ٿيون. جيستائين مفادن واري سوچ ۽ وڌيڪ حاصل ڪرڻ جي ھٻڇ رھندي، تيستائين ناانصافيون، محروميون، بک، بدحالي سان گڏ انساني رت وھندو ئي رھندو. ڀلي روشن خيالي جا لولي پاپ ڏجن، انسانيت ۽ انساني ھمدردي جا سبق پڙھائجن، اين جي اوز ٺاھي خير خيرات ڪجي پر انساني حقن جي لتاڙ سڌي يا اڻ سڌي طرح  جاري رھي ته ھن ڌرتي تي جنت ٺاھڻ جا خواب تصور ئي رھندا.

ناانصافي جا پيرا کڻندي جڏھن ماضي تي نظر وجھون ٿا ته معلوم ٿئي ٿو ته جڏھن انسان  اوائلي دور ۾ شڪار جي تلاش ۾ رھندو ھو، تن ڏينھن ۾ ان جي وڏي ضرورت خوراڪ ھئي. اڄ جي دنيا ماضي جي معاشرن کي پوئتي پيل چوي ٿي يا اتر آمريڪا جي اصلي باشندن جا معاشرا، تن ۾ يورپي ملڪن وانگر ڪي خوني ويڙھون ڪونه ٿينديون ھيون. نارٿ پول (اتر قطب) واري علائقي ۾ رھندڙ اسڪيموز جو مکيہ ڪم کاڌي لاءِ شڪار جي تلاش رھي آھي. ھنن جي شڪار ڪيل خوارڪ ڄڻ ته سڄي قبيلي جي ھوندي آھي، جيڪا ھو گڏجي کائيندا رھندا آھن. سندن معاشري ۾ مفادن جي گھٽ ڊوڙ سبب خوني جھيڙا به ڪونه ھئا.

جڏھن تھذيب جي اوسر واري دور ۾ انسان ھڪ ھنڌ رھڻ لڳو، اتي ڪيئي ھنر ۽ ڌنڌا ھڪ ٻئي جي ضرورت بڻجي ترقي ڪندا ويا. ملڪيت جو حق استعمال ٿيو، تڏھن کان انسان ۾ لالچ وڌي. ان لالچ ۾ پوءِ آسودي ٿيڻ جي چڪر ۾ ڪن ناانصافين جي شروعات به ٿي، جيڪا وقت سان وڌي وڻ ٿي آھي. ٻين لفظن ۾ ته جتي اسان تھذيب جي اوسر ۽ ان جي ترقي تي سڌرڻ واري تصور ھيٺ فخر ڪريون ٿا، اتي  ملڪيت جي حق سان ناانصافين، ڦڏن فسادن جو بنياد پيو، جيڪو محدود جھيڙن کان وڌي وڏين تباھين جو سبب بڻيل رھيو آھي. فرانس جي  نظريي ساز، سوشلسٽ، سياستدان، فلاسافر ۽ ماھر معاشيات پيري جوزف پرائدين

 Pierre-Joseph Proudhon جو چوڻ آھي ته جائيداد، ڦُر ڪرڻ جو ٻيو نالو آھي. ان وصف موجب ته دولت جا انبار گڏ ڪندڙ ڦورو آھن. ان حوالي سان هڪ قول حضرت علي عه سان منسوب ڪيو وڃي ٿو ته اوچين عمارتن ۾ غريب جو رت شامل ھوندو آھي. ٻئي طرف انسان جي جيئڻ ۽ خوشحال ٿيڻ لاءِ پوکي راھي، ھنر، واپار، ڌنڌا ڌاڙي ڪري انھن کي ترقي وٺرائي ڪمائڻ به زندگي گذارڻ لاءِ  ضروري آھي. چٽاڀيٽي سان معاشي بھتري ٿيندي آھي پر ان ۾ مفادن لاءِ ذخيره اندوزي، ناجائز نفعي خوري ۽ ناجائز ڪاروبار واري سوچ ۽ ٻين جي حق کائڻ وارو عمل نه ھجي.

استحصال جي مٿانھين سطح قومي وسيلا ۽ پئداواري ذريعن تي بالادستي ۽ ان جي ڦرلٽ آھي. جن جي آمدني حقيقت ۾ ان ملڪ ۽ خطي جي عوام جي ملڪيت ٿئي ٿي. جيڪڏھن ڪي طاقتور ماڻھو ڪنھن حوالي سان انھن وسيلن کي قبضي ۾ آڻي انھن کي لٽين ٿا ته ان نا انصافي سبب آبادي جي وڏي حصي ۾ بک، بدحالي وڌي ٿي. اھڙيون شروع ٿيل ڏاڍايون جيڪي آبادي سان نسلي، لساني، مذھبي بھانو بڻائي ڪيون وڃن ٿيون، تن سبب جيڪا معاشي ابتري ٿئي ٿي، اها نسلن تائين جاري رھندي آھي. اھڙين ناانصافين جو  خاتمو انصاف ڪرڻ سان ٿي سگھي ٿو.    نيلسن منڊيلا موجب، بک خيرات سان نه پر انصاف سان ختم ٿيندي. انصاف جي تقاضا آھي ته ھر ڪنھن جي حق جي حفاظت ٿئي. ڪو ڪنھن جو حق نه کائي. وسيلن جي اھڙي قبضي لاءِ جتي ماضي ۾ ماڻھن تي لشڪر ڪشي ڪئي ويندي ھئي، اتي اڄ جي دنيا ۾ بارود سان تباھي ڪري انسانن کي بي وس ڪيو وڃي ٿو. انساني مفادن لاءِ جھيڙا ڳوٺن، قبيلن، علائقن کان وڌي جڏھن ملڪي ۽ عالمي سطح جي ويڙھ تائين پھتا آھن ته انساني تباھي به وڏي سطح تي ٿيڻ لڳي آھي. رڳو ٻي مھاڀاري لڙائي ۾ دنيا اندر اندازي موجب 7 ڪروڙن کان 8 ڪروڙ ماڻھو قتل ٿيا ۽ دنيا جي آبادي وڏي تڪليفن ۽ پريشانين مان گذري. افغانستان تي ڪاھ جي نتيجي ۾ ويھن سالن اندر اٽڪل 8 ٽريلين ڊالر جي رقم خرچ ٿي. ائين عراق تي حملي ۾ خرچ ٿيندڙ رقم جو اندازو 728 ارب ڊالر آھي. ٻنھي لڙاين ۾ لکين ماڻھو مئا ۽ ڪيترن جا اھنج وڌيا. انسانن سان ھمدردي وارو راڳ ڳائيندڙ ھي بالادست قوتون جيڪڏھن دنيا جي جي ڊي پي جو ھڪ حصو به خرچ ڪن ته سڄي دنيا جي آبادي کي پيئڻ لاءِ صاف پاڻي ۽ صحتمند رھڻي لاءِ نڪاسي جو نظام تيار ٿي وڃي. اھا رقم مٿي ذڪر ڪيل لڙائين مان ھڪ لڙائي جي خرچ جي ڪجھ سيڪڙي جي برابر ٿيندي.

ڪتاب “تھذيبن جو ٽڪراءُ” ۾ ليکڪ سموئل ھنٽنگٽن لکي ٿو ته جتي سرد لڙائي پڄاڻيءَ کي پھتي ۽ ٻن بلاڪن واري قومن جي گروھ بندي گھٽي، اتي تھذيبن جو ٽڪراءُ جاري رھندو. تھذيب جي عنصرن ۾ مذھب، زبان، قدر ۽ تھذيب اچي وڃن ٿا. انھن جي نالي ۾ ئي گھڻو ڪري مفادن جي ويڙھ وڙھي ويندي. سرد لڙائي جي پڄاڻي تي ڪن مغربي ليکڪن  پنھنجن لکڻين ۽ ڪتابن ۾ اھو به خيال پيش ڪيو ته ھاڻي لڙايون ختم ٿيون، باقي ڪي علائقائي اختلاف يا جھڙپون رھنديون، جيڪي لڙائي جي وصف ۾ نه ٿيون اچن پر جلد ئي عراق تي مغربي چڙھائي، لبيا ۾ سڌي مداخلت، مصر ۾ غير جمھوري قوتن جي پٺڀرائي، شام ۾ آمريڪي ۽ روسي فوجي اڏن جو قائم ٿيڻ، يوڪرين ۽ روس جي ويڙھ جيڪا سرد لڙائي جي ٻي شڪل آھي. سائوٿ چائنا سمنڊ ۾   علائقائي ملڪن جا بلاڪ ٺھڻ کان آسٽريليا جھڙي پرامن ملڪ کي محاذ طور تيار ڪرڻ واريون عالمي ڪوششون اھو ظاھر ڪن ٿيون ته لڙاين جو محاذ وسيع پيو ٿئي. اھي ايستائين رھنديون، جيستائين قومن ۽ ملڪن ۾ مفادن جي سوچ غالب رھندي. اڄ جي جديد تھذيب جو دعويدار مغرب انھيءَ ڦڏي ۽ اڳرائي ۾ سڀ کان اڳتي نظر اچي ٿو.

مفادن جي ويڙھ سبب دنيا جي اٽڪل 10 سيڪڙو آبادي يعني 70 ڪروڙ ماڻھو غربت جي لڪير ھيٺ ڏکي زندگي بسر ڪن ٿا. انھن  جي روز جي آمدني ٻن ڊالرن يا ان کان به گھٽ آھي. ان ٿوري آمدني سبب کاڌ خوراڪ جي ڏکيائين سان گڏ کين پيئڻ جو صاف پاڻي،  تعليم، صحت ۽ صحتمند رھڻي ڪھڻي لاءِ سھولتون به ميسر ڪونھن، تن جي ڪسمپرسي واري حالت جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو. ان کان ٿوري مٿڀري آمدني واري آبادي ڏکيائين سان گذارو ڪري ٿي. ڪو ٿورو سيڪڙو امير آھي ۽ ڪي وچولي درجي جي زندگي گذارين ٿا.

ڪو ڦڏو فساد ننڍي سطح تي ھجي يا اھو ملڪي يا بين الاقوامي سطح تي ھجي، ان جو سبب مفاد، ڦر لٽ، وسلين تي قبضا ۽ بالادستي لاءِ ھوندو آھي. ان ۾ انساني خون وھي ٿو، ماڻھو بي گھر ٿين ٿا، بک بدحالي وڌي ٿي. انسان قيامت صغرا جا منظر ڏسي ٿو. مالي فائدن لاءِ بدمست ماڻھن جي بي رحم عملن سبب عوام جو وڏو تعداد بک، تڪليف، پريشاني ڏسي ٿو.

[email protected]