ھڪ جپسي ڪالم … ڪوٽيه جي آس پاس

0
233
ھڪ جپسي ڪالم ... ڪوٽيه جي آس پاس

  ھر ڪو اھوئي چوندي نظربو آھي، ته ھن دنيا ۾ ھُو آزاد ۽ فري ٿي رھڻ چاھي ٿو، ھلو انھن جي اھا ضد مڃي به وٺجي، پر جيڪڏھن ھڪ ٽرين کي پٽڙيءَ کان آزاد ڪيو وڃي،  اھا آزاد ته بلڪل ٿي ويندي پر پوءِ اھا ويندي ڪيڏانھن…..اھا ته بيڪار ٿي ويندي….ائين ئي اسان جي سوچن جا سلسلا به مربوط ۽ جُڙيل ھجڻ کپن…نه ته اھي وِکري ۽ ٽِڙي پکڙجي ويندا ۽ انھن سوچن جو آنند ڪوبه وٺي ڪونه سگھندو.اسان جڏھن ڪوئٽا جي صبح کي پنھنجي جسمن تي چڙھندي محسوس ڪيو ته اسان جو جسم جيڪو ھڪ نرم گرميءَ جو طالب ھو پر ان ھاءِ اسڪول جي ڪنھن به ڪنڊ ۾گئس يا ڪاٺين جي ڪا به سھولت ڪانه ھئي، اسڪول جا ملازم چئي رھيا ھئا، وھنجڻو آھي ته پنھنجي رسڪ تي وھنجو پوءِ اسان کي نه چئجوته ڪوئٽه ۾ برف جي سِرَ جيان سرد بڻجي ويا آھيون…خير جيئن تيئن ڪري اسان جي استادن اسان کي تيار ڪيو ته وھنجڻ ڪو وڏو مسئلو ڪونھي، نڪري ھلجي ته جيئن صبح ويلي ئي فطرت جي حسين ھنج جي نرميءَ جومشاھدو ڪجي. ھڪ پوري بس ۾ اسان سڀ سنڌ جا مسافرَ قلات رياست جي ھن اھم شھر مستونگ ۾ پھتاسين ۽ اتي ڪافي ٽائيم گذاريوسين ۽ اتان جي پھاڙن جي ھنج مانوھي ايندڙ ٿڌن چشمن جو شيرين ۽ شيشي جھڙو صاف پاڻي پيتوسين،پنھنجي اندر ۾ ھڪ عجيب طاقت محسوس ڪئيسين، ڄڻ مستونگ شھر جي پاڻيءَ ۾ طاقتون ارپيندڙ منرلس ھجن…ڪوئٽه کان ساڍا ٽيتاليھ ڪلوميٽر پري ان شھر جي سادگي ئي ان جو حُسن ھئي، آئين ِاڪبري ڪتاب مطابق، 1500 عيسويءَ ۾ مستونگ شھر ۾ 24 محلَ ھوندا ھئا ۽ ھِي شھر قندھار سرڪار جو حصو ھو، شھرَ کي ڪچي گاري سان جُڙيل ھڪ وڏي چئوديواري ڏنل ھئي ۽ انھن وقتن ۾ ھِي شھر 8000 دينار ۽ 470 خرار اَنُ اپائيندڙ شھر ھو. ھن شھر جي آبادي اڌواڌ پٺاڻن ۽ بلوچن ۾ ورھايل ھئي،جيڪا ھن مھلَ تائين به لڳ ڀڳ ساڳي ئي آھي. اھو سمورو ڏينھن اسان مستونگ جي شھر ۽ ان جي آس پاس پھاڙن ۾ رُلندي گذاريو.

ٻئي ڏينھن صبح جو ساجھر ئي اسان کي ٽيچرز ٻڌايو ته، اڄ اسين چمن شھر ھلنداسين، اسان ٻارڙن مان رڳو چند کي ئي خبر ھئي ته چمن بارڊر شھر آھي ۽ ان بعد افغانستان جو پٿريلو ملڪ شروع ٿئي ٿو….اسان کي ھڪ بس ۾ ويھاريو ويو، مان ۽ مخدوم زين بس جي ڇِت تي ويھي رھياسين ۽ بس تقريبن اٺين وڳي سِيءَ واري ھوا کي چيريندي ڪوئٽه شھر مان نڪتي، کوڙ سارو وقت اسان پھاڙن جي وچ مان گُذرندا رھياسين، روڊ سان گڏ گڏ ئي ٽرين جي پٽڙي به چمن طرف روان دوان ھئي…بس جو سانورو ڪلينر به اسان سان گڏ اچي ويھي رھيوھو ۽ عجيب عجيب بلوچي روايتون ٻڌائيندو رھيوھو، گڏ گڏ گذرندڙ لوڪيشنز جي باري ۾ به سادگيءَ سان ٻڌائيندو رھيوھو، ھن اسان کي بلوچي عشق جون کوڙ ڪھاڻيون سڻايون ھيون ۽ ٻڌايو ھو ته ڪارو ڪاري جي رسم بلوچن جي ھڪ پراڻي روايت آھي، جتي کوڙ سزائون حقي به سُڻايون وينديون آھن پر ڪافي سزائون برادريءَ جو نڪ بلند رکڻ جي نيت سان به ڏنيون وينديون آھن، ھن تسليم ڪيو ھو ته، ان رسم جون گھڻو تڻو شڪار معصوم ۽ پوڙھيون عورتون ٿينديون آھن، جن کي قبيلي جي عزت جي کاتي ۾ بندوقن جي گولين جو کاڄ بڻايو ويندو آھي…منھنجي دل ۽ جسم مان بار بار درڙيون اُٿي رھيو ھيون ۽ مون کي پنھنجي بلوچ ھجڻ تي ڏک ٿي رھيو ھو.

ھڪ جاءِ تي اچي اسان جي بس چاڙھي چڙھڻ شروع ٿي وئي ھئي ۽ اسان حيران نگاھن وچان ور وڪڙ روڊ تان پنھنجي بس کي ھوريان ھوريان پر پوري طاقت سان پھاڙن جي چاڙھيون چڙھندي ڏسي دل ئي دل ۾ سورت ياسين جو ورد ڪرڻ لڳا ھئاسين. زين جي گوري مک تي پريشانيءَ وچان پگھر جا ڦڙا صاف صاف نظر اچي رھيا ھئا،حالانڪه ان مھل به کوڙ ساري سردي پئي محسوس ٿي، ھڪ جاءِ تي بس جو ساڄي طرف وارو پويون ٽائر اُڊڙيل روڊ ڪناري وٽان پھاڙ جي ڪنڊ وٽ ڦاسي پيوھو پر شايد ڊرائيور ڏاڍو ھوشيار ھو، ھن ڊُوھ ڏئي بس کي طاقت واري ريس ڏني ۽ ٽائر ان کڏ مان جَھٽڪو ڏئي ڪري گذري ويوھو، بس جي ان ٻالڪ ڪلينر اسان کي ٻروچڪي اردو لھجي ۾ ٻڌايو ھو ته، اھا ھڪ بي انتھا خطرناڪ جاءِ آھي، ھتان کوڙ ساريون بسون ھزارين فٽ اونھين کاھيءَ ۾ ڪري چڪيون آھن ۽ اتان ڪرڻ بعد ڪنھن مسافر جو بچڻ ھزار سيڪڙو ناممڪن ھوندو آھي ۽ اھو به ٻڌايائين ته اوھان خوش نصيب آھيو جو اسان جو استاد اوھان کي ۽ پنھنجي بس کي بچائي ڪڍي ويو آھي.

اسان ائين ئي لڪ لتاڙيندا ۽ يو ٽرن ٽائپ موڙ مڙندا آخر ھڪ وڳي چمن شھر ۾ پھتاسين…ان وقت چمن شھر ھڪ ننڍڙو شھر محسوس ٿيو ھو، جنھن ۾ گھڻا تڻا گھر سادگيءَ سان ۽ ھڪ ماڙ تائين جا ھئا، وچ ۾ رستا اڃان تائين ڪچا ۽ ڌوڙ ڌڌڙ سان ڀريل ھئا. شھر کان لڳ ڀڳ ھڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي پاڪستان ۽ افغانستان جي سرحد ھئي، اتي اسان کي ڪابه شئي سرحد جي حساب سان ڪونه نظري ھئي، بس ڪچي رستيجي انت ۾ ھڪ گيٽ ٺھيل ھو، جتي ڪجھ سپاھي بيھي ايندڙ ويندڙن کي کِيڪاري رھيا ھئا، ڪابه چيڪنگ يا جھڙتي اسان کي اتي نظر ڪانه آئي ھئي، ڪنھن به قسم جي سرحدي باڙھ يا لوڙھي ٽائپ ڪا شئي اتي ڪانه ھئي، ٻنھي پاسي ڳوٺَ ھئا، جتان جا رھواسي آزاديءَ سان ھڪ ٻئي جي ڳوٺ ڏانهن اچ وڃ ڪري رھيا ھُئا، مون وسيم آرائينءَ کان پڇيو ته يار سرحد ھيئن به ڪا ھوندي آھي ڇا، نه ڪا توپ،  نه ڪو گولو. سڀ سڪون سان ايئن اچن وڃن پيا جيئن اسان پريالي شھر کان پريالي جي پل تائين ايندا آھيون ۽ وري پنھنجي ڳوٺ ھليا ويندا آھيون. خير ائين اسان اھا سرحدي موومينٽ ڳپل ٽائيم تائين ڏٺي، ان بعد شھر ڏي موٽي آياسين، شھر ۾ چند ئي جنرل اسٽور قسم جا دڪان ھئا، جتان اسان کي اھڙيون به شيون نظر آيون، جيڪي اسان پنھنجي زندگيءَ ۾ ڪڏھن به نه ڏٺيون ھيون. خاص طور تي امپيريل ليدر صابڻ جو ڏنڊو يا گرووس جيڪو ان مھل اسان کي اتان ڏھ رپين ۾ مليو ۽ مون ٻه ورتا ھُئا، ٻين ساٿي پنھنجي پنھنجي اميريءَ جي حساب سان پنج پنج گرووس ورتا، ٻي ڪمال جي شئي اتي اليڪٽرونڪس جون شيون ھيون، جتي مون ڪئميرا کان وٺي قسمين قسمين جا ٽيپ رڪارڊر ۽ انھن جا پرڏيھي بيٽري سيل به ڏٺا، انھن ڏھاڙن ۾ پاڪستان ۾ فوجي آمريت واري حڪومت ھئي ۽ افغان لڙائي اڃان ھلندڙ ھئي، ڪميونسٽ روس اڳيان سمورا پاڪستاني فوجين ۽ سويلين روپ ۾ سيسه پلائي قسم جي ديوار بڻجي بيھي رھيا ھئا، اسان جيافغان ۽ پاڪستاني مجاھدين ڪافر روس جا ڏند کٽا ڪري ھن کي ڀڄڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ھو. اسان جا ڪچڙا ڪونپلن جھڙا ذھنَ پاڪستان ٽيليويزن جي اسلامي نشريات جي ڪري تيزيءَ سان اسلامي رنگ ۾ رنگجي رھيا ھئا ۽ اسان به ڪامريڊن جي ڀڄڻ تي گد گد ٿي رھيا ھئاسين…اھا خبر ته وڃي بعد ۾ اسان کي پئي ته اسان پاڪستانين سان اسلام ۽ ضياءَ الحق جي صورت ۾ ڪيڏي نه عجيب ويساھ گھاتي ڪئي وئي ھئي،جنھن ۾ اسان جي وڏڙن کي ھڪ عجيب قسم جي پولنگ اسٽيشن تي گھرايو ويو ھو ۽ انھن کان صحيح ورتي وئي ھئي ته جيڪڏھن اسان مسلمان آھيون ته اقرار ڪريون ٿا ته پاڪستان اسلام جو قلعو آھي ۽ ”اميرالمومنين“ جنرل ضياءَ الحق اسان جو اصل نجات دھنده آھي ۽ اسان کيس پنھنجي مٿان حڪومت ڪرڻ لاءِ بلڪل به ارھا ڪونه آھيون.

اسان جي چمن شھر مان واپسي لڳ ڀڳ پنجين وڳي شام جو ٿي ھئي، ۽ اسان انھيءَ بس تي ڪوئٽه شھر طرف واپس اچڻ لڳا ھئاسين…بس جي ڊرائيور جي خواھش تي اسان سان گڏ ھڪ ٻروچ نوجوان کي به سفر لاءِ بس ۾ ويھاريو ويو ھو، جنھن اسان کي اردوءَ ۾ ھاني شه مريد جو قصو ڳائي ڪري ٻڌايو ھو ۽ اسان نوجوانن جي ڪچڙن ذھنن تي بلوچ روايتن جو ھڪ عجيب جادو سر چڙھي ٻولڻ لڳو ھو، جنھن ۾ ھر طرف گلاب جا گل ھُئا ۽ انھن گلاب جي گلن جي وچ ۾ ھاني ۽ شه مريد جو قصو جڏھن پورو ٿيو ته اسان ڄڻ ته ڪنھن ريشمي خوابَ مان جاڳي پيا ھئاسين ۽ اسان کي ان نوجوان ٻڌايو ته اسان جي دل جھڙو شھر ”ڪوٽيه“ اچي ويو آھي…۽ ائين اسان ڏڪندا ڏڪندا پنھنجي رھڻ واري ھاسٽل جي ڪمرن ۾ ويڙھجي سيڙھجي آخرڪار پھچي وياسين.