ڇا چين پوري دُنيا ۾ آمريڪا جي جڳهه والاري رهيو آهي؟

0
114
ڇا چين پوري دُنيا ۾ آمريڪا جي جڳهه والاري رهيو آهي؟

 پوري دنيا تي حاڪميت ڪيئن قائم ڪجي؟ ڪروڙين اربين انسانن کي ڪهڙي طرح غلام بڻائي رکجي؟ ملڪن جا ملڪ ڦري لٽي انهن جي عوام جي گذر سفر جي وسيلن تي ڌاڙا هڻي، انهن کي غربت جي منهن ۾ ڌڪي پنهنجي طبقي جي عياشي ۽ ان جي حڪمراني کي صدين تائين ڪيئن قائم ۽ دائم رکجي؟ هڪڙي پاسي ائين سوچي ۽ ان لاءِ گُهربل فوجي طاقت، حرفتبازي، سفارتڪاري، چالبازي ۽ لکين عوام جو قتل عام ڪري ايرانين، يونانين ۽ ان کانپوءِ رومين پوري دنيا تي سوين سالن تائين بادشاهت قائم ڪئي. وري وچ ۾ مسلمانن اموي، عباسي ۽ سلطنت عثمانيه جي صورت ۾ دنيا جي هڪ تمام وڏي حصي تي راڄ ڪيو. ان ئي عرصي دوران پورچوگيزي به ڪيترا ملڪ فتح ڪري پنهنجي بادشاهت کي هلائيندا رهيا. فرانس به وسان نه گهٽايو ۽ ڪيترن ملڪن کي غلام بڻائي رکيو. برطانيه جي بادشاهت لاءِ چيو ويندو هو ته ان جي بادشاهت ۾ سج ئي نه لهندو هو، يعني هڪڙن ملڪن ۾ رات ٿيندي هئي ته وري ٻين ملڪن ۾ ڏينهن هوندو هو، ايتري تائين برطانوي سلطنت ڦهليل هئي. جرمني ۽ جاپان به ڪوشش ڪئي پر گهڻي ڪاميابي نه ماڻي سگهيا. عام طرح ٻئي عالمي جنگ ۽ خاص طور تي 1991ع سويت يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ دنيا ۾ آمريڪا جو سڪو رائج آهي. پر هاڻي گذريل ڪجهه سالن  ۾ جڏهن کان چين جو اڀار ٿيو آهي ۽ روس به تيزي سان اڀري آيو آهي، تڏهن کان دنيا ۾ اهو بحث تيزي سان شروع ٿي ويو آهي ته ڇا آمريڪا کان دنيا جي قيادت کسجي ويندي؟ آمريڪي سامراج تمام گهڻو ڪمزور ٿي چڪو آهي؟ ۽ جيڪڏهن آمريڪي سامراج ناڪام ٿي ويو ته پوءِ ان جي جڳهه چين يا روس والاريندو؟ جيڪڏهن چين آمريڪا کي پوئتي ڌڪي دنيا جي قيادت ڪرڻ جي قابل ٿي ويو ته پوءِ چين جي دنيا تي حڪمراني ساڳئي آمريڪي سامراج واري هوندي يا ان کان مختلف؟ وري ان سان گڏ اهو بحث به هلي رهيو آهي ته ڇا دنيا تي حڪمراني ڪرڻ جي لاءِ آمريڪي سامراج وارو ماڊل ڪامياب آهي؟ يا دنيا ۾ هاڻي ايندڙ ڪجهه سالن ۾ ڪا به سامراجي قوت نه رهندي ۽ سامراجيت صرف هڪڙو ماضي جو قصو ۽ بحث طور زندهه رهندو؟

ايندڙ دور ۾ دنيا ۾ ڪنهن جو سڪو هلندو ۽ دنيا تي آمريڪي سامراج وانگر ڪو حڪومت ڪندو؟ تنهن بابت ڪجهه به وثوق سان نٿو چئي سگهجي، پر هڪڙي ڳالهه واضح آهي ته هاڻي دنيا جو ڪو به هڪ ملڪ يا ٻه ٽي ملڪ گڏجي پوري دنيا جي ملڪن کي پنهنجي قبضي ۾ گهڻي وقت تائين غلام بڻائي نه رکي سگهندا. ان جو اهو قطعي مطلب ناهي ته ان جي نه هئڻ سان ڪو پورهيت عوام آزاد ٿي خوشحالي واري زندگي بسر ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندو. پر هاري ۽ پورهيت عوام پنهنجي پنهنجي علائقن، خطن ۽ ملڪن ۾ ننڍن ننڍن سامراجن، آقائن ۽ انهن جي ڳيجهو نوڪرن خلاف وڙهندو رهندو ۽ اها ويڙهه تيستائين جاري رهندي جيستائين دنيا جي سڀني هارين ۽ پورهيتن کي آزادي سان گڏ خوشحال زندگي گذارڻ جا سڀ وسيلا ميسر نٿا ٿين. پر هن صحبت ۾ اسان اڄ ان سوال تي خيال آرائي ڪنداسين ته ڇا واقعي چين دنيا جي قيادت سنڀالڻ لاءِ آمريڪي سامراج کي پوئتي ڌڪي ڇڏيندو ۽ اڳيان اچي ان جي جاءِ والاريندو؟ ان حوالي سان مارچ مهيني جي 16 تاريخ تي ”واشنگٽن پوسٽ“ ۾ ڊيوڊ اگنيشئس هڪ آرٽيڪل ”طاقت جي مرڪز وچ اوڀر جي راهه هموار ڪرڻ وارو بيجنگ“ جي نالي سان شايع ٿيو. جنهن ۾ هن اڳوڻي آمريڪي پرڏيهي سيڪريٽري هينري ڪسنجر جا لفظ حوالي طور ڏيندي چيو ته، ”هاڻي آمريڪا دنيا جي واحد طاقت نه رهيو آهي ۽ چين وٽ هڪ نئون ورلڊ آرڊر ٺاهڻ جي طاقت آهي.“ ان سان گڏ فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪوان جو اهو بيان به بحث هيٺ آهي، جنهن ۾ هن چيو هو ته، ”يورپ آمريڪا جو ماتحت نه ٿئي.“ ان مضمون ۽ فرانسيسي صدر جي بيان کانپوءِ هڪ اداري آمريڪا ۽ چين جو معاشي، جوهري، سفارتي، عسڪري جائزو وٺڻ سان گڏ اهو سوال به اٿاريو آهي تهڇا آمريڪا کي عالمي قيادت جي تخت تان هٽائي سگهجي ٿو؟ هتي اسان مختصر ان جو جائزو وٺنداسين.

هن وقت پوري دنيا ۾ چين کي ”دنيا جي فيڪٽري“ سڏيو ٿو وڃي. ٻنهي ملڪن جي معيشت جو جائزو وٺندي ٻڌايو ويو آهي ته 2001ع ۾ جڏهن چين ”ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن“ ۾ شامل ٿيو هو، تنهن وقت چين ۾ جيڪي شيون تيار ٿينديون هيون، تن جي ماليت1.34 کرب ڊالر هئي، جيڪا 2021ع ۾ وڌي 17.73 کرب ڊالرز تائين پهچي وئي ۽ آمريڪا جي 23.32 کرب ڊالرز تائين پهتي. چين پارانشاهراهه ريشم جي بحالي جو منصوبو جيڪو 2013ع ۾ چين جي صدر شي جن پنگ ”بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو“ نالي سان شروع ڪيو هو، اهو هڪ گهڻ رخو ترقياتي منصوبو آهي. ان منصوبي ۾ ايشيا، آفريڪا ۽ عرب دنيا سميت 70 ملڪ اچي وڃن ٿا. جن ۾ چين بندرگاهه، ريلوي اسٽيشنون، هوائي اڏا ۽ صنعتي ڪامپليڪس تعمير ڪندو ۽ ان ذريعي چين کي يورپ تائين زميني ۽ سامونڊي رسائي ملي ويندي. سوال آهي ته چين ان جي تڪميل ڪري سگهندو؟ ان تي ڪم جاري آهي پر ساڳئي وقت ان سطح جون رڪاوٽون پڻ موجود آهن.ٻنهي ملڪ جي عسڪري طاقت جو جائزو وٺندي چيو ويو آهي ته”گلوبل فائر پاور“ انڊيڪس 2023ع جي مطابق چين جي پيپلز لبريشن آرمي آمريڪا ۽ روس کانپوءِ دنيا جي ٽين وڏي فوجي طاقت آهي. هن وقت چين وٽ 16 لک فوج آهي، آمريڪا کانپوءِ ٻيو نمبر تي وڏي دفاعي بجيٽ پڻ آهي. آمريڪا وٽ 11 وڏا بحري جنگي جهاز آهن، جڏهن ته چين وٽ صرف ٻه وڏا بحري جهاز آهن. ان سان گڏ آمريڪا وٽ چين جي مقابلي ۾آبدوزون، ويڙهاڪ جهاز، ڪروز ميزائيل ۽ ائٽمي صلاحيت جا وڏا جنگي جهاز آهن. هائپر سونڪ ميزائل جي ڊوڙ ۾ چين ڪيترائي هائپر سونڪ بيلسٽڪ ميزائلن جا تجربا ڪيا آهن. جن جي نگراني ۽ انهن کي ٽريڪ ڪرڻ فضائي دفاعي نظام جي لاءِ مشڪل آهي، ڇو ته انهن جي رفتار آواز جي رفتار کان به پنج دفعا وڌيڪ آهي ۽ ٻيو انهن ۾ اڏام ۽ رستو تبديل ڪرڻ جي صلاحيت پڻ آهي. ماهرين چون ٿا ته ايندڙ ڪجهه سالن ۾ چين آمريڪا سان فوجي طاقت ۾ برابر ٿي سگهي ٿو. پر هتي نوٽ ڪرڻ جهڙي ڳالهه هي آهي ته چين فوجي طاقت جي لحاظ کان صرف پنهنجي مفادن وارن علائقن يعني ڏکڻ اوڀر ايشيا ۽ پيسيفڪ سمنڊ جي علائقن تائين محدود آهي ۽ آمريڪي فوج پوري دنيا ۾ ڦهليل آهي ۽ هن وقت دنيا جي 83 وڏن بندرگاهن جو ڪنٽرول آمريڪا وٽ آهي ۽ چين وٽ صرف سريلنڪا جو هڪڙو بندرگاهه آهي.جوهري هٿيارن جي ڊوڙ ۾ هڪ محدود اندازي جي مطابق چين وٽ تقريبن 350 جوهري هٿيار آهن، جڏهن ته آمريڪا وٽ 5500 جوهري هٿيار آهن. اندازو آهي ته سال 2035ع تائين چين وٽ تقريبن 1500 جوهري هٿيار اچي ويندا. ان سان گڏ اهو پڻ ياد رکيو وڃي ته چين 1979ع ۾ ويٽنام ۾ مداخلت ڪرڻ کانپوءِ ڪا جنگ نه وڙهي آهي. تنهن ڪري چيو وڃي ٿو ته هن جون فوجي صلاحيتون وڏي حد تائين ويجهڙ ۾ ڪنهن وڏي جنگ جو تجربو نه رکندڙ آهن. تنهن ڪري ماهرين جو چوڻ آهي ته آمريڪا جنگي صورتحال ۾ خاص طور تي يورپ جي سلامتي کي پنهنجي جديد جنگي ٽيڪنالاجي سان تحفظ فراهم ڪري سگهي ٿو.ڊجيٽل ۽ ٽيڪنيڪي مهارت ۾چين ويجهڙ وارن سالن ۾ مصنوعي ذهانت ۽ ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ جهڙن ڪيترن ٽيڪنيڪي شعبن ۾ تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي. خلا ۾ برتري چين جو خواب آهي ۽ هن وقت آمريڪا ۽ روس کانپوءِ چين آهي، جنهن پنهنجي خلا ۾ خلائي اسٽيشن قائم ڪئي آهي. سفارتي اثر و رسوخ ۾چين نرم سفارت ڪاري جو طريقو اختيار ڪرڻ ۾ سڃاڻپ رکي ٿو ۽ عالمي تضادن ۾ غيرجانبداري اختيار ڪري ٿو. ويجهڙ ۾ چين يوڪرين ۽ روس جي جنگ ۾ هڪ ثالث طور پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو، جنهن کانپوءِ يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي اعلان ڪيو ته منهنجو چيني هم منصب سان ٽيليفون تي رابطو ٿيو آهي ۽ اهو ٻنهي ملڪن لاءِ فائدي مند آهي. ان سان گڏ چين سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ سفارتي تعلقات بحال ڪرائڻ ۾ پڻ ڪامياب ٿي ويو آهي. هڪڙي ٻي ڳالهه به نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته سعودي عرب ۽ ايران ۾ سفارتي تعلقات بحال ڪرائڻ ۾ بغداد ۽ عمان جو به ڪردار آهي. آخر ۾ڇا آمريڪا کي عالمي قيادت جي تخت تان هٽائي سگهجي ٿو؟ تنهن سوال تي بحث ڪنديو چيو ويو آهي تهگذريل ڪيترن سالن کان آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ معاشي، فوجي ۽ ٽيڪنيڪي شعبن ۾ تمام گهڻي ڇڪتاڻ هلي رهي آهي. تائيوان جي مسئلي تي پڻ اهو نوٽ ڪيو ويو آهي. چين آمريڪا کان عالمي قيادت کسي سگهي ٿو جنهن جا امڪان موجود آهن. پر ان لاءِ ڪجهه شرط ۽ رڪاوٽون آهن، تنهن ۾ هڪڙي وڏي رڪاوٽ چين جي ماڻهن جي وڏي عمر پڻ آهي ۽ نوجوانن جي آبادي گهٽ آهي، جنهن جي ڪري چين جي معيشت کي شديد خطرا پيش اچي سگهن ٿا. ٻيو ته ڪميونسٽ پارٽي جو اقتدار ۾ رهڻ لازمي آهي. ڇو ته اها چين جي ترقي واري عمل کي تيز ڪري رهي آهي. ٻي ڪا فوجي ويڙهه نه ٿئي. پر ٻئي پاسي ماهر چون ٿا ته چين دنيا جي قيادت نٿو ڪري سگهي ان جا سبب هي آهن ته چين وٽ آمريڪا وانگر انساني حق ۽ جمهوريت کي فروغ ڏيڻ وارو نعرو ناهي. ٻئي پاسي اهو پڻ چيو وڃي ٿو ته چين کي دنيا جي قيادت ڪرڻ يا ايستائين جو ان جي سيڪيورٽي جو ڪردار ادا ڪرڻ جي نه ئي خواهش آهي ۽ نه ئي صلاحيت. تنهن ڪري چين صرف پوري دنيا ۾ معاشي توسيع جي خواهش رکي ٿو. تنهن ڪري هتي سڀ کان اهم سوال هي آهي ته ڇا چين ائين ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو يا آمريڪا پنهنجي سامراجي مفادن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ چين جي رستا روڪ ۾ ڪاميابي حاصل ڪندو؟