ھمايون شريف (رپورٽ: امداد پنهور) ھمايون شريف ويجھو سڱ نه ڏيڻ تان هٿياربندن جو گهر تي حملو، سئوٽن هٿان نوجوان ناري قتل، ٽن جوابدارن خلاف ڪيس داخل، گرفتاري نه ٿي. خبر موجب جھان واھ ٿاڻي جي حد ڳوٺ گلاب معرفاڻي ۾20 ورھين جي ناري اميدان ڌيءُ اقبال معرفاڻي کي سندس ئي برادري جي ٽن ھٿياربندن گهر ۾ گهڙي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مقتول ناري جو لاش تحويل ۾ وٺي شڪارپور اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. ناري جو لاش گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو. رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته ناري جي وارثن موجب ناري جو سئوٽن سڱ گھريو ھو، انڪارڪرڻ تي فائرنگ ڪري کيس قتل ڪيو ويو، هوڏانهن ناري جي ڀاءُ محمد بخش معرفاڻي جي فرياد تي جھان واھ ٿاڻي تي ٽن جوابدارن دلشاد معرفاڻي، شمشاد معرفاڻي ۽ گلشو معرفاڻي خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏھن ته آخري اطلاعن تائين پوليس ڪنهن به جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي هئي.