ڳڙھي ياسين (ن پ ا) ڳوٺ چاڪر مارفاڻي ۽ ڳوٺ کنڊ مارفاڻي جي مارفاڻي برادري جي ٻن ڌرين اڪبر مارفاڻي ۽ گلزار مارفاڻي ۾ زمين جي تڪرار تان گلزار مارفاڻي واري ڌر جي ھٿياربندن ۽ ڏنڊا بردارن زمين ۾ ڪم ڪندڙ اڪبر مارفاڻي واري ڌر مٿان حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني، گولي لڳڻ سبب حمزه مارفاڻي سخت زخمي ٿي پيو، جڏھن ته حافظ توفيق، محمد اعظم ۽ ذاڪر مارفاڻي لٺيون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا، زخمين کي ڳوٺاڻن ڳڙھي ياسين اسپتال آندو جتي حمزه مارفاڻي جي حالت ڳڻتي جوڳي ھئڻ ڪري لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو