ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي  پوليس 10 ڏينهن اڳ شهري کي قتل ڪندڙ جوابدار کي سوگهو ڪري ورتو، ان ڏس  ۾ ڪلاڪوٽ پوليس ڪارروائي ڪري جوابدار تنوير عرف تتر کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب جوابدار 13 جولاءِ تي شهري عدنان کي تشدد ڪري قتل ڪيو هو، پڇا ڳاڇا دوران جوابدار شهري کي ذاتي دشمني جي بنياد تي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو، جوابدار عادي ڏوهاري آهي، جيڪو سنگين ڪيسن ۾ گهربل هو