ڳڙهي خيرو (ن پ ا) خوراڪ کاتي جي لاپرواهي سبب 5 سالن تائين کليل ميدان ھيٺ رکيل 20 هزار ڪڻڪ جون ٻوريون خراب ٿي ويون، اڳوڻي فوڊ انسپيڪٽر پاران 2016.17 ۾ خريد ڪيل ڪڻڪ 5 سالن تائين گدام جي ميدان تي ٻاھر اس تي پيل ھجڻ ڪري خراب ٿي وئي، ڪڻڪ خراب ٿيڻ بعد ڪراچي جي واپارين کي 1300 في مڻ جي حساب سان وڪرو ڪئي وئي، جڏھن ته سنڌ حڪومت ڪڻڪ جو اگھه في مڻ 2000 مقرر ڪيو آھي، ان حوالي سان ڊسٽرڪٽ فوڊ انسپيڪٽر حاڪم مھر ٻڌايو ته اھا ڪڻڪ 2016.17 ۾ ان وقت جي فوڊ انسپيڪٽر نادر مگسي خريد ڪئي ھئي پر سنڌ حڪومت 5 سالن تائين ڪڻڪ گدامن مان نه کنئي، جنھن ڪري ڪڻڪ خراب ٿي کائڻ لائق نه رھي آھي، ان ڪري ھاڻ ڪراچي جي واپارين کي سستي اگھه تي وڪرو ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اڳوڻي فوڊ انسپيڪٽر نادر مگسي تي الزام آهي ته هن گدامن مان ڪڻڪ جون 80 ھزار ٻوريون ڪڍرائي وڪرو ڪري ڇڏيون، جنھن جو مٿس ڪيس پڻ داخل ٿيل آھي پر سندس خلاف ڪارروائي نه ٿي آهي.