مھيش ڪمار جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار جي ضمانت رد

0
568

جيڪب آباد (ن پ ا) ڏيڍ مهينو اڳ بيدرديءَ سان قتل ٿيل نوجوان مھيش ڪمار جي قتل ڪيس ۾ جوابدار ونيب ڪمار جي ضمانت واري درخواست رد، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ظھور احمد ھڪڙو فريادي ۽ جوابدار جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي، جوابدار ونيب ڪمار 24 فيبروري جي رات نوجوان مھيش ڪمار کي گولي هڻي ڪري قتل ڪرڻ بعد لاش ساڙي ڇڏيو هو، جوابدار ونيب ڪمار کي پوليس 13 مارچ تي گرفتار ڪيو هو ۽ جوابدار پوليس آڏو بيان ۾ ڏوهه جو اعتراف ڪيو هو، بااثر جوابدار ونيب ڪمار کي 20 ڏينهن اڳ بيماري جو جواز ڄاڻائي سول اسپتال وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو، ضمانت رد ٿيڻ باوجود جوابدار کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.