محرابپور ويجهو نوجوان جو لاش هٿ، واقعي جي جاچ شروع

0
282

محرابپور (ن پ ا) محرابپور ويجهو ڳوڌو شاخ جي فردو موري وٽان نامعلوم نوجوان جو لاش هٿ آيو آهي، نوجوان جو لاش ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڪيو، جنهن بعد پوليس پهچي لاش ڪڍرائي ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، محرابپور ويجهو ڳوڌو شاخ مان نوجوان جي هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ محرابپور شهر جي وارڊ نمبر 16 نيو ٽائون واسي فرنيچر جي دڪان تي ڪم ڪندڙ نوجوان محمد آصف ولد يامين ملڪ طور ٿي وئي ، پوليس موجب وڌيڪ جاچ جاري آهي.