ڳاڙهو(ن پ ا) ڳاڙهي ويجهو ڳوٺ مينگل لاشاري ۾ چلهه مان اوچتو باهه لڳڻ سبب 3 گهر سڙي رک ٿي ويا.  فائر برگيڊ گاڏيون ناڪارا هجڻ سبب ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باھ تي ڪنٽرول ڪيو. باھ لڳڻ سبب خميسو لاشاري، گل حسن لاشاري ۽ اصغر لاشاري جي گهرن کي  اوچتو باهه لڳڻ سبب سندن گهر سڙي رک ٿي ويا. گهرن ۾ پيل روڪ رقم سونا زيور زمين جا ڪاغذن سميت گهريلو سامان سڙي ويو آهي جنهن جي لکين رپين ماليت ٻڌائي پئي وڃي. جڏهن ته متاثر خاندانن کلي آسمان هيٺ ويٺل آھ  سنڌ حڪومت ضلعي انتظاميا سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته آهي ته فوري مالي مدد ڪئي وڃي.