اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جو شيڊيول تبديل ڪيو ويو آهي، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته گڏيل پارليامينٽ جو اجلاس 15 مئي 2023ع تي شام جو 4 وڳي رٿيل هو جيڪو هاڻي 15 مئي بدران 4 مئي تي ڏينهن جو 11 وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو، اسپيڪر قومي اسيمبلي گڏيل اجلاس جي شيڊول ۾ تبديلي حاصل اختيارن تحت ڪئي، قومي اسيمبلي سيڪريٽري پاران اجلاس جي شيڊول ۾ تبديلي جو سرڪيولر به جاري ڪيو ويو.