ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ اسيمبلي  13 آگسٽ 2023ع تي پنهنجو مدو پورو ڪرڻ بابت پيپلزپارٽي طرفان پيش ڪيل ٺهراءُ متفقه طور منظور ڪيو ويو، جي ڊي اي، جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم پاران ٺهراءُ جي مڪمل حمايت ڪئي وئي، وڏي وزير چيو آهي ته بلاول هن سال ئي زويراعظم ٿيندو. ڪالهه سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر ريحانه لغاري جي صدارت هيٺ ٿيو، پيپلزپارٽي ايم پي اي برهان چانڊيو سنڌ اسيمبلي جا 5سال پورا ڪرڻ جي حمايت ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو ويو جيڪو متفقه طو رتي منظور ڪيو ويو،  اجلاس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ڳالهائيندي چيو ته پيپلزپارٽي ان ڪري ملڪ ۾ هڪ ئي ڏينهن چونڊون چاهي ٿي ته جيئن ملڪ مان نفرت جي سياست جو خاتمو اچي. پي ٽي آءِ وارا ڳالهين دوران چون ٿا ته 14 آگسٽ کان اڳ ۾ سنڌ اسيمبلي کي نه  ٽوڙيو ويو ته ڳالهيون نه ڪنداسين، هوڏانهن ڪي پي ۽ پنجاب اسيمبلي  جي اسپيڪر عدالت ۾ چيو آهي ته اسان جون اسيمبليون بحال ڪيو، وڏي وزير چيو ته آئين موجب اسيمبلي ٽوڙڻ جو اختيار وڏي وزير وٽ آهي پر ائين به ناهي ته وڏو وزير ننڊ مان اٿي ڪنهن جي به چوڻ تي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي، سنڌ اسيمبلي صوبي جي بهتري لاءِ تمام گهڻو ڪم ۽ اهم قانونسازي ڪئي آهي جيڪو ريڪارڊ تي آهي، سندس چوڻ هو ته مخالف ڪجهه به چون پر بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم ضرور ٿيندو. ٺهراءُ تي ڳالهائيندي پ پ ايم پي اي امداد پتافي چيو ته ملڪ ۾ اسيمبليون پنهنجو مدو پورو ڪنديون، هڪ گُڏي وزيراعظم کي آئيني طريقي سان هٽايو ويو، ملڪ ۾ خراب حالتن جي ذميوار پي ٽي آئي آهي شرميلا فاروقي چيو ته هڪ شخص جي ڪري هن ملڪ ۾ افراتفري جو ماحول آهي، پ پ ايم پي اي راجا رزاق چيو ته سال 2018ع جي چونڊن کان پوءِ پارليامينٽ جو تقدس پائمال ڪيو ويو، هاڻي به ڀاڱي ٽه جي اڪثريت کي وساري ڇڏيو هاڻي ون ٿرڊ به نه ملندي، هي جيستائين پيرڻي کان نه پڇي تيسائين ڪوبه ڪم ناهي ڪندو. جماعت اسلامي جي ايم پي اي سيد عبدالرشيد چيو ته جيڪڏهن سياسي ۽ جمهوري رويا درست هجن ته پوءِ اسيمبلي جو مدو پورو ڪرڻ لاءِ ٺهراءُ جي ضرورت نٿي پوي، چور ۽ غلام حڪومت ۾  مهانگائي وڌي وئي، عدليه ۾ بحران آهي ۽ ملڪي صورتحال خراب ٿي رهي آهي اهڙي صورتحال ۾ هن حڪومت کي 5 سال مڪمل ڪرڻ نه ڏينداسين، هن ملڪ جي ڀلائي ان ۾ آهي ته اپوزيشن ۽ حڪومت ڳالهيون ڪن، ڳالهين جي نتيجي ۾ پوري ملڪ ۾ هڪ ئي ڏينهن چونڊون ڪرائڻ جي تاريخ جو اعلان ڪيو وڃي. جي ڊي اي ميمبر شهريار مهر چيو ته اسان هن ٺهراءُ جي مڪمل حمايت ڪيون ٿا، هي ٺهراءُ مڪمل طور آئيني آهي، بعد ڊپٽي اسپيڪر پاران سنڌ اسيمبلي جو اجلاس جمعي ڏينهن ڏهين وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.