گپچاڻي (ن پ ا) گپچاڻي ۾ مري اليون ۽ گُدارا اليون ۾ دوستاڻي ميچ کيڏي وئي، جيڪا مري اليون کٽي ورتي. گپچاڻي ڪرڪيٽ گرائونڊ تي ميچ ٿي، مري اليون جي ڪپتان ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو ۽ گدارا اليون مقرر 8 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 88 رنز ٺاھيون. جواب ۾ مري اليون مقرر هدف آخري اوور ۾ پورو ڪيو، مري اليون جي شريف مري کي شاندار بيٽنگ ڪرڻ تي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو، جڏھن ته ونر ٽيم جي ڪپتان کي15هزار روڪ انعام ڏنو ويو.