ڪراچي(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ سماجي ڪارڪن شاهد آفريدي پٽ نه هجڻ جي سوال جو نهايت خوبصورت جواب ڏئي سڀني جا دل کٽي ورتا.شاهد آفريدي کي رب پاڪ 5 ڌيئرن جي رحمتن سان نوازيو آهي. ان جون پنج ئي ڌيئرون انشا، اقصيٰ، اسماره، اجوه ۽ سڀني کان ننڍي اروا آفريدي جيڪا اڃان صرف هڪ يا ڏيڍ سال جي آهي هي پنج ئي پنهنجي پيءُ سان گڏوگڏ پوري پاڪستان جي اک جو تارو آهن. شاهد آفريدي پنهنجي ڌيئرن سان تمام گهڻي محبت ڪندو آهي ۽ اڪثر پنهنجي ڌيئرن سان گڏ بهترين لمحن جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي به شيئر ڪندو آهي.شاهد آفريدي ڪجهه ڏينهن اڳ خانگي چينل کي انٽرويو ڏنو جنهن ۾ هن ٻڌايو ته مان قسمت وارو آهيان جو رب پاڪ مون کي ڌيئرن سان نوازيو ۽ مون هر ڌيءَ سان گڏ پنهنجي قسمت کي بدلجندي ڏٺو آهي. ميزبان طرفان آفريدي کان سوال ڪيو ته بدقسمتي اسان جي معاشري ۾ اهڙو ماحول آهي جتي ڌيئرن تي وڌيڪ زور ڏنو ويندو آهي ۽ جن کي اولاد نه ٿيندي آهي ان کي طعنا ڏنا ويندا آهن.شاهد آفريدي ميزبان جي سوال جي جواب ۾ چيو ته اسان پٺاڻن ۾ به پٽ جي اولاد کي اهميت ڏني ويندي آهي ايستائين جو ماڻهو پٽ ٿيڻ جي لاءِ تعويذ وغيره به ٺهرائيندا آهن.