گونگي بارش

0
549

ٻه سال اڳ ئي اسان ان جي قبر تي ويا هئاسين. ناقص مٽيريل سان ٺهيل حيدر آباد ،ڪراچيءَ موٽر وي جي ساڄي پاسي کان هڪ وڏي ديوار سان گڏ نڪرندڙ  ڪچي رستي تي لٿاسين ته رڳو ڌوڙ ئي ڌوڙ هئي. گوڏي جيڏي ڌڌڙ ۾ ڊوڙندڙ ڪارن سان گڏ ڌوڙ جا ايئن طوفان ڊوڙي رهيا هئا جيئن ڪي صحرا ۾ مٽيءَ جا واچوڙا ڊوڙندا آهن .
ڪچي رستي سان گڏ هلندڙ ديوار جي اوچائي ديوار برلن جهڙي لڳي رهي هئي. اسان ويهن منٽن جي مختصر مسافت کان پوءِ  قبر جي چوکنڊي وٽ پهتاسين. قبر جي پيرانديءَ کان بيهي مون سامهون ڏٺو ڪنڪريٽ، سرئي ۽ سيمينٽ سان جڙيل ديو قامت پلازه وات پٽيو هن جي ڳوٺ کي ڳڙڪائڻ لاءِ بيٺا هئا. اسان هن جي قبر تي گلن جي چادر چاڙهي، قبر تي گلابن جي پنکڙين هوا جي تيز جهونڪن تي سامونڊي لهرن جيان سفر ڪرڻ شروع ڪيو هو. سڄي قبر گلابي غلاف سان ڍڪجي ويئي هئي. چوکنڊي اندر نازبوءِ جا ٻوٽا ايئن جهومي رهيا هئا جيئن ٽي ڏهاڪا اڳ ڀٽ جي ڀٽائي جي ڪراڙ ڍنڍ ۾ ڪنول جهومندا هئا ان دور ۾ اڃان ڪراڙ ۾ ڀٽ شاھه جي ڪڃرن جو گندو پاڻي ۽ ڪن ڪچرو نه ويندو هو !!
ڪراڙ ۾ سيکاٽ جا ملاح بتيلن تي سياحن کي ڪراڙ ڍنڍ جو سير به ڪرائيندا هئا ۽ نيرڳ پکين سان گڏجي تڙڳندا به هئا اها ڪراڙ ئي شايد اياز جي انقلابي ۽ رومانوي شاعري جي لفظن جهڙي حسين هئي جنهن ڪري ئي شيخ اياز ڪراڙ ڪپ تي پاڻ کي دفن ڪرڻ جي وصيت لکي هئي. ڪراڙ ڪپ تي شيخ اياز جي قبر هاڻي اڪيلائي جي رڙ ۾ اهڙي پکي جهڙي آهي جنهن وٽ نه اڏام ڀرڻ جي طاقت آهي نه ئي ان وٽ آسمان تي ڪڪرن ڏسڻ جي اميد بچي آهي.  هاڻي ته اياز جي  قبر تي اهي فنڪار به  وڃي پنهنجي مڌر آوازن ۾ گيتن جو نذرانو پيش نٿا  ڪن جن جي گهرن جي چلهه اڃان تائين اياز جي ڳايل شاعري جي ڪري ٻري ٿي.
شيخ اياز جي قبر تان هاڻي رڳو پِيلا سڪل پتا ئي اڏامن ٿا.
“ڪراڙ ڪپ تي ڪوي قبر تان اداس پيلا پتا اڏاڻا
رشڪ آئي دمن تي جانان، جنم ۾ پهرين بهار آئي ”
اسان ساٿين قبر جي چوکنڊي جي چوڌاري بيهي شيخ اياز جو انقلابي گيت
ڳاءِ انقلاب ڳاءِ
جيئن زمين آسمان جي کلي پئي زبان
ڪنڊ ڪنڊ چونڪ چونڪ
شهر شهر ڳوٺ ڳوٺ
ڏيئي اٿي هي جواب
انقلاب انقلاب
ڳائي رهيا هئا سين.
اسان جي ترنم سان ڳايل گيت تي ڳوٺ جي پوڙهن ٻارن ۽ نوجوانن تاڙين جو سنگيت جوڙي ورتو هو . اها مهل اهڙي هئي جو ايئن لڳو پئي ڄڻ اسان ڏکڻ آفريڪا جي انهن ڪارن غلامن جي جدوجهد جو تسلسل آهيون جن کي نسل پرست تشدد جو شڪار بڻائي رهيا هئا ۽ ڪارا غلام تاڙين جي رڌم تي انساني برابري جا گيت ڳائي رهيا هئا.
بحريه ٽائون جي ڊگهي ديوار جي ٻئي پاسي ڏامر سان ڪارپيٽ ٿيل روڊ هئا جنهن مٿان املتاس جا وڻ ڇانورو ڪري بيٺل هئا ۽ هن پاسي اساٽ ئي اساٽ  هئي. هُن پاسي اونچا پلازه ۽ مهانگا بنگلا هئا ۽ هن پاسي ڪچي غريباڻي لانڍي هئي جنهن ۾ ڦيش مان ٺهيل نک وڇايل هئي ، هڪ پاسي انگلش ميڊيم اسڪول هئا ۽ ٻئي پاسي ڪاٺ جون بئنچ، شاگرد، خالي بليڪ بورڊ ته هو پر استاد نه هو. ديوار جي هڪ پاسي سرسبز پارڪ هئا ۽ ٻئي  طرف جتي اسان بيٺا هئاسين اتي پاڻي لپ لاءِ مخلوق پريشان  هئي.
قبر ۾ موجود شخص شايد جاڳيل هجي هن شايد ڌرتيءَ سان گڏ ڌڙڪندڙ دلين جو آواز ٻڌو هجي هن قبر ۾ ئي ڪر موڙيا هجن. هن شايد اياز جي هن سٽ کي ڪنايو هجي.
ڌوڏ هن سماج کي لوڏ سامراج کي ،
آڻ ڪو نئون نظام جو چڱو چئي عوام
انقلاب انقلاب
هي شخص ڪو عام شخص نه هو هن جي هٿ جي آڱرين ۾ ڀلي لوڪل برانڊ جو سگريٽ دکندو هو پر هي پنهنجي مزاج ۾ انتهائي خاص ماڻهو هو هن جي لفظن ۾ ڪا ڪرامت هئي جيڪا زمين تي خدا بڻجي هلندڙ ماڻهن کي ڪنڌ جهڪائڻ تي مجبور ڪندي هئي هن جي شخصيت ۾ رڳو فيض نه هو پر سچ ته هو هن صديءَ جو اهڙو نرالو مزاحمت ڪار هو جيڪڏهن اهڙو ڪو ڪردار صديون اڳ ريڊ انڊين ۽ فلسطينن جي وچ ۾ پيدا ٿئي ها ته هو پنهنجي پيرن هيٺان زمين نه وڃائن ها هي عام ڳوٺاڻو هو ان ڪري ڳوٺ جا ماڻهو هن کي فيض محمد گبول بدران چاچا فيضو گبول جي نالي سان سڏ ڪندا هئا. سارتر، لينن مائو ۽ مارڪس جي نالي کان بي خبر هوندي به هن وٽ ڌرتيءَ جي مالڪي ۽ انسانن جي ڪائناتي حقن جو ادراڪ هو.
فيض محمد گبول ڌرتي لاءِ وڙهندڙ اهڙن ماڻهن جو سونهون آهي جيڪي پنهنجي ابن ڏاڏن جي زمين جي مالڪي تان دستبردار ٿيڻ لاءِ تيار ناهن. فيض محمد خوف ۽ لالچ سان مقابلو ڪندڙ اهڙو ڪردار آهي جنهن کي موت ماري نه سگهيو.
ٿورو ويجھا اچو ڪن ڏئي ٻڌو، “مونکي چيو ويو ته هي بلينڪ چيڪ آهي جيڪي لکڻو اٿئي لک مون چيو ملڪ رياض زمين ماءُ هوتي هي اور غيرتمند بيٽي اپني ماءُ ڪو فروخت نهين ڪرتي. تم بتائو اپني ماءُ ڪي ڪتني قيمت لوگي ”
اسٽيٽ جي ڪاروبار جي ٽائڪون ملڪ رياض جا فيض محمد گبول جا اهي لفظ ٻڌي ڪن ڳاڙها ضرور ٿيا هوندا پر فيض محمد پنهنجي آڱرين ۾ دکيل سگريٽ جو وڏو ڪش هئي ٽائڪون جي وڏي ڪشادي آفيس ۾ دونهين سان گڏ چپٽي جي جهٽڪي سان سگريٽ جي رک به ڇڏي نڪتو هو. هن جي پيرن ۾ پيل گهيتلي جي مر هو آفيس جي ريڊ ڪالين تي ڇنڊي آيو هو جيئن هنن کي خبر پئي ته هن ڪالين جي هيٺان به زمين جي مٽي اسان جي آهي.
ٿيڻو اهوئي هو جيڪو هنن فيض محمد سان ڪيو هو. برساتن ۾ نئين جي پاڻي تي آباد ٿيندڙ باراني زمين جو پاڻي بند ڪيو ويو، هٿرادو بند ٻڌي نئين جا رخ موڙيا ويا. ڳوٺ جي وچان ايڏي ديوار کنئي وئي جو هنن سمجهيو پئي ته ان سان فيض محمد جي گھر ويندڙ هوا ۽ روشني کي روڪڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين. ٿاڻن جا لاڪپ رات جي اواندهي ۾ پوليس جون گهرن تي چڙهايون، بلڊوزن جون ڪاهون روز جو معمول هيون. پريس ڪلبن تي احتجاج ۽ روڊن تي ڌرڻا باقي جا ڏينهن فيض محمد جي زندگي جي ڪهاڻي آهن. اھڙي ڪهاڻي جنهن ڪهاڻي جو هيرو اهو پوڙهو ماڻهو آهي جنهن وٽ وڃائڻ لاءِ فقط هڪ سر هو حاصل ڪرڻ لاءِ نه کٽندڙ زندگي. جديديت جي نالي تي اڏجندر شهر رڳو پاڻ سان سيمينٽ ۽ سريو نٿا کڻي اچن پر ڌارين جي لوڌ به کڻي ٿا اچن هي شهر رڳو صاف روڊ رستا نٿا ٺاهين پر مقامي ماڻهن جا وجود انهن جي پنهنجي ڌرتيءَ تان ئي صفا ڪري ٿا ڇڏين هي فطرت سان مقابلو ڪندڙ شهر آبشارن کي ٻنڊا ڏين ٿا. جانورن، پکين ۽ جيتن جا نسل ختم ڪن ٿا  ٻوٽن وڻن ۽ ٽڻن جا وجود ميساري ڇڏين ٿا. اسان اڃان قبر تي بيٺا هئاسين ته اسان جي ڀر مان ئي ڳائي مال جو ولر اچي گذريو، ڳاڙهيون سنڌي ڳئون ڏڪار جون ماريل لڳي رهيون هيون. انهن جي جسمن جا هڏا ڏسڻ ۾ اچي رهيا هئا ڳئون بحريه ٽائون جي اونچي ديوار سان ڪنڌ لڳائي قطار ڪري وڃي بيٺيون ڄڻ انهي ديوار جي ڊهڻ جو انتظار ڪنديون هجن.
شام لڙي چڪي هئي سج ٿڪجي هاڻي بحريه ٽائون جي ديوار جي پويان وڃي رهيو هو. شايد ايندڙ ڪجهه سالن ۾ اسان بحريه جي ڀت پويان ويندڙ سج جي لالاڻ به ڏسي نه سگهون، پر سج ويندي ويندي نياپو ڏيئي پئي ويو ته سج جي روشني وري به فيض محمد گبول جي ڳوٺ مان اڀرندي. ان ڪري جڏهن به بحريه ٽائون جا بلڊوزر قديم وسندين ڏانهن ڪاهه ڪن ٿا ته اسان سڀني جي ذهن ۾ فيض محمد گبول اچي ٿو وڃي. اسان جي اکين ۾ اها تصوير تري اچي ٿي جنهن ۾ ماچيس جي تيلي ٻارڻ وارو اهو شخص  هوا کي روڪيندي  ٻڪ ۾  سگريٽ کي جهلي باھه ڏيئي رهيو آهي. جنهن شخص جي سگريٽ جي  رک اڃان ملڪ رياض جي محل جهڙي آفيس ۾ اڏامي رهي آهي.اهو بلڪل درست آهي ته جديد شهرن جا منصوبا دنيا جي اندر خوشحالي جو تصور پيدا ڪن ٿا پر اسان وٽ وڏا جديد شهر جوڙيائي ان خيال سان وڃن ٿا ته ڌرتيءَ ڌڻين کي زمين تان بي دخل ڪرڻو آهي. هن ڪاروبار ۾ وڏي سيڙپ منشيات فروشن، هٿيارن جي ڊيلرن، ڪرپٽ حڪمرانن، رٽائرڊ فوجي ۽ سول بيوروڪريسي جي هوندي آهي مٿيان سڀ سيڙپڪاري فقط ان بنياد تي ڪندا آهن جيئن انهن کي سود سميت منافعو ملي. هنن جو ڌرتي ڌڻين جي مفادن سان ٽڪر اوس ٿيڻو ئي ٿيڻو آهي ان ڪري هي رياست جي سمورن ادارن کي عوام جي خلاف نه صرف استعمال ڪن ٿا پر عوام کي تشدد جو نشانو بڻائڻ جو ڪم به هي سعادت سمجهي ڪن ٿا. اسان قبر جي چوکنڊي مان نڪري لانڍي جي نک تي اچي ويٺاسين. ڳوٺاڻن اسان سان سور رنا اهڙا سور جيڪي آٿت ڏيڻ سان ختم ٿيڻا نه هئا اسان جي موڪلائڻ مهل هڪ نوجوان ڀاڪر ۾ ڀري مونکان پڇيو اسان جي زمين ڪيئن بچندي، مون ڀاڪر ۾ ئي کيس چيو عوامي مزاحمتن کي منظم ڪريو، اسان هن ديوار برلن جهڙي خوني ديوار کي ڊاهي ۽ جهڪائي ضرور سگهون ٿا.
ڪار ۾ ويهڻ کان پهرين مون فيض محمد گبول جي قبر ڏانهن ڪنڌ ورائي ڏٺو. هن جي  قبر مونکي سرحد جي لڪير تي بيٺل ان محافظ جهڙي لڳي رهي هئي جنهن جي هٿ ۾ بندوق بدران زمين تي مالڪيءَ جا دستاويز  هئا، جنهن وٽ تاريخ جي اهڙي دعويٰ هئي جنهن کي وقت جي حڪمران جي مهر جي ضرورت نه هئي. اڳتي وڌياسين ساڳيو ڪچو رستو ساڳي ڌوڙ اوچتو گونگي بارش شروع ٿي. ٻوڙان ٻوڙ بارش اسان ڪار جا وائپر هلائيندا اچي موٽر وي تي چڙهياسين.
گونگي بارش شايد اسان کي چئي رهي هئي ڦڙو ڦڙو ٿي نه ٽمو، گڏجي وڏ ڦڙا ٿي وسو گوڙ نه ڪريو گونگي بارش ٿي وسو.