گھوڙاٻاري (ن پ ا) تعلقي گھوڙاٻاري  جي يوسي گليل جي جي يو آءِ ۽ پ پ اڳواڻن ۾ ڪامياب ڳالھيون ٿيڻ بعد  يوسي گليل تي نامزد پ پ اميدوار چيئرمين جي سيٽ تي غلام نبي شيخ، وائيس چيئرمين جي سيٽ تي سجاد ڳاھو، ضلعي ڪائونسل تي غلام  رسول خشڪ سميت 2 پ پ ڪائونسلرن سان گڏ جي يو آءِ جا 2 ڪائونسلر بنامقابلي ڪامياب ٿيڻ  بعد يوسي گليل بنامقابلي ڪامياب ٿي وئي آھي، ان موقعي تي پ پ اڳواڻ غلام نبي شيخ ۽ جي يو آءِ اڳواڻ غلام نبي خشڪ صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته  مڪاني اليڪشن ۾ آمھون سامھون فارم ڀرائڻ بعد سندن وچ ۾ مختلف وقت تي ڳالھيون ٿينديون رھيون، اڄ ڳالھيون ڪامياب ٿيون آھن، جنھن ۾ اھو فيصلو ڪيو ويو آھي ته جنرل ڪائونسل جون 2 سيٽون جي يو آءِ کي ڏنيون ويون آھن، باقي سيٽون پ پ اميدوارن کي مليون آھن، جنھن بعد  پ پ اميدوار 2 جي يو  آءِ اميدوارن جي حق ۾ ھٿ کڻي ويا آھن ۽ پ پ اميدوارن سامھون بيٺل جي يو آءِ اميدوار پڻ ھٿ کڻي ويا آھن، ٻنھي پارٽين ۾ ٿيندڙ ڪامياب ڳالھين بعد سموري يوسي بنامقابلي اچي وئي آھي.