خيرپور (رپورٽر) ووٽر لسٽن ۾ غلطيون، هڪ وارڊ جي ووٽرن جا ووٽ ٻئي وارڊ ۾ منتقل ٿي ويا، ووٽر پريشان، ڪيترين ئي پولنگ اسٽيشنن تي بجلي غائب رهي، ووٽرن ۽ پولنگ عملي کي ڏکيائيون درپيش. خبر موجب ووٽر لسٽن ۾ غلطين سبب ووٽرن کي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ ۾ سخت ڏکيائين جو منهن ڏيڻو پيو، ووٽر لسٽن ۾ هڪ وارڊ جي ووٽرن جا ووٽ ٻئي وارڊ ۾ منتقل ڪرڻ جون شڪايتون  وڏي انگ ۾ ٻڌڻ ۾ آيون جنهن سبب ووٽر شهر جي مختلف پولنگ اسٽيشنن تي چڪر لڳائيندا رهيا. جڏهن ته ڪيترائي ووٽر، ٻين علائقن ۾ ووٽ منتقل ٿيڻ سبب ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ بدران واپس موٽي ويا. هوڏانهن خيرپور شهر جي ڪيترين ئي پولنگ اسٽيشنن تي ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين بجلي غائب رهي، جنهن سبب ووٽرن ۽ پولنگ عملي کي سخت ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پيو.