ميرواھ گورچاڻي (ن پ ا) ٽائون ڪميٽي ميرواھ جي  غير سرڪاري غير حتمي نتيجن موجب وارڊ نمبر هڪ آزاد اميدوار علي نواز شاھ گروپ جو حاجي علي احمد گورچاڻي 370 ووٽ  کڻي ڪامياب جڏهن پيپلزپارٽي جو اميدوار سليم گورچاڻي 243 ووٽ کڻي هارائي ويو. وارڊ نمبر 2 پيپلزپارٽي جو هيرالال ميگھواڙ 459 ووٽ کڻي ڪامياب آزاد شگهن لال ميگھواڙ 243 ووٽ کڻي هاريو، وارڊ نمبر 3 تي پيپلزپارٽي جو اميدوار راڻا اسلامت علي راجپوت 470ووٽ کڻي ڪامياب جڏهن ته متحده قومي موومينٽ جو راڻا اسحاق راجپوت 467 ووٽ کڻي هارايو في الحال انهي جو ريزلٽ روڪيو ويو آهي، وارڊ نمبر 4 پيپلزپارٽي جو اميدوار چوڌري منير احمد آرائين 488 ووٽ کڻي ڪامياب آزاد اميدوار شاهد اشرف آرائين 334 ووٽ کڻي سگهيو، وارڊ نمبر 5 تي متحده قومي موومينٽ جو راڻا نصير احمد راجپوت 502ووٽ کڻي ڪامياب جڏهن ته پيپلزپارٽي جو اميدوار اڪبر علي راجپوت 448ووٽ کڻي هارائي ويو، وارڊ نمبر 6 تي متحده قومي موومينٽ جو اميدوار رائو ضياءالقاسمي راجپوت 311 ووٽ کڻي ڪامياب ۽ آزاد اميدوار راڻا عرفان ظفرياب راجپوت 286 ووٽ کڻي هارائي ويو، وارڊ نمبر 7 پيپلزپارٽي جو راڻا سليم اختر راجپوت 287 ووٽ کڻي ڪامياب جڏهن ته متحده قومي موومينٽ جو طارق راجپوت 237 ووٽ کڻي هارائي ويو وارڊ نمبر 8 تي پيپلزپارٽي جو احسان الحق آرائين 601ووٽ کڻي ڪامياب جڏهن ته آزاد اميدوار راحب علي ميراڻي 337 ووٽ کڻي هارائي ويو.