گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي جي عدالت ٻاهران پوليس جي موجودگي ۾ ضمانت لاءِ پهتل جوابدارن سان وڙهڻ لآءِ ڏنڊا برداري ماڻهو پهچي ويا،  ان ڏس ۾ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج گهوٽڪي جي عدالت ۾ جهيڙي ڪيس ۾ ضمانت لاءِ اميربخش وسير، بهادر وسير ۽  فداحسين وسير پهتا ته فريادي  ڌر جا ماڻهن به لٺيون ۽ ڏنڊا کڻي پهچي ويا،  اطلاع تي پوليس عدالت ٻاهران پهچي ڏنڊا بردار ماڻهن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته ڪجه ڏينهن اڳ رستي جي ڳالھ تان وسير برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو هو، جهن جي ايف آءِ آر گهوٽڪي ٿاڻي تي اميربخش وسير بهادر وسير بروهي وسير فداحسين وسير سميت 6 ڄڻن مٿان داخل ڪئي وئي هئي.