حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ ڦرلٽ ۽ چورين جون وارداتون رڪجي ناهن سگهيون. مارڪيٽ  واري علائقي ۾ واپاري جي گهر ۾ ڌاڙي جي واردات دوران ڦورو 22 تولا سونا زيور ۽ 15 لک رپيا روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا آهن. هيرآباد واسي واپاري عبدالعزيز قريشي مارڪيٽ ٿاڻي پهچي رپورٽ داخل ڪرائي آهي. پوليس موجب واپاري جي رپورٽ بعد انهن معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. بي سيڪشن ٿاڻي جي حد يونٽ نمبر 9 مان اڻڄاتل چور تعظيم نالي شخص جي گهر ٻاهران بيٺل موٽرسائيڪل چورائي ويا آهن. قاسم آباد ٿاڻي جي حد مان اڻڄاتل ڦورو شهرين کان لکين رپين جا ڪئميرا ڦر ڪري فرار ٿي ويا آهن. بي سيڪشن ٿاڻي جي حد مان به اڻڄاتل 4 ڦورن علي نالي شخص جي گهر ۾ داخل ٿي لکين رپين جا سونا زيور ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪيو آهي پر بي سيڪشن پوليس معاملي کان لاعلمي جو اظهار پئي ڪري. شهر ۾ وڌندڙ ڦرلٽ جي واقعن بعد شهري پاڻ کي غير محفوظ سمجهي رهيا آهن.