گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي عدالت پاران ايس ايچ او ڪچو ٻنڊي زاهد ميراڻي جا ڦول لهرائڻ وارو مامرو: گهوٽڪي پوليس عدالتي حڪم بعد ايس ايچ او ڪچوٻنڊي زاهد ميراڻي سميت 6 ڄڻن مٿان ٽريڪٽر ڦر ۽ اڍائي لک ڀنگ وٺڻ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، پوليس ايس ايچ او ڪچوٻنڊي زاهد ميراڻي کي عدالت ۾ پيش ڪري ٽن ڏينهن جو رمانڊ ورتو.بي سيڪشن ٿاڻي تي راحب علي گهوٽو جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو. فريادي موقف اختيار ڪيو آهي ته ايس ايچ او زاهد ميراڻي ۽ 6 نامعلوم جوابدارن ڦر ڪيل ٽريڪٽر جي واپسي لاءِ ايس ايڇ او ڪچوٻنڊي زاهد ميراڻي اسان کان اڍائي لک ڀنگ ورتو، رقم وٺڻ باوجود ڦر ٿيل ٽريڪٽر واپس ناهي ڪرائي ڏنو. واضح رهي ته ڳوٺاڻي راحب علي گهوٽو پنهنجي وڪيل رفيق احمد چاچڙ ۽ محبوب سومرو معرفت گهوٽڪي جي عدالت ۾ ڦر ٿيل ٽريڪٽر جي واپسي لاءِ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته ايس ايچ او ڪچوٻنڊي زاهد ميراڻي ڀنگ جي رقم اڍائي لک رپيا ورتي آهي پر ٽريڪٽر واپس ناهي ڪرائي ڏنو.