حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي عدالت ٻن ڄڻن کي ناحق باندي بڻائڻ واري ڪيس مان بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪري ڇڏي آهي. سيڪنڊ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ي عدالت ايس ايڇ او اقبال عباسي جي 30 هزار رپين جي مچلڪن عيوض پڪي ضمانت منظور ڪئي. لطيف آباد نمبر 6 مان ڄاڻايل ايس ايڇ او 16 اپريل تي ٻن ڄڻن وڪي ۽ وڪيو کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي ناحق باندي بڻايو هو. گرفتار ٿيلن جي وارثن مير خان ۽ ٻين ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ ايس ايڇ او بي سيڪشن خلاف درخواست داخل ڪرائي هئي. 20 اپريل تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي حڪم تي سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 11 ٿاڻي تي ڇاپو هڻي ٻنهي باندي بڻايلن کي آزاد ڪرايو هو جن عدالت ۾ بيان ڏنو ته ايس ايڇ او اقبال عباسي کين ناحق باندي بڻايو ۽ ڏوهه مڃرائڻ لاءِ مٿن تشدد به ڪندو رهيو. عدالت ڊي ايس پي کي حڪم ڏنو ته ايس ايڇ او خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي. 25 اپريل تي ڊي ايس پي جي فرياد تي پنهنجي ئي ٿاڻي تي ايس ايڇ او اقبال عباسي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو. ڪيس داخل ٿيڻ بعد ايس ايڇ او گرفتاري کان اڳ واري ضمانت لاءِ عدالت سان رجوع ڪيو. عدالت 3 ڏينهن اڳ ايس ايڇ او جي عبوري ضمانت منظور ڪئي هئي.