گهوٽڪي (رپورٽ : ماجد سنگهڙ) گهوٽڪي ۾ اينٽي ڪرپشن جي سرڪل آفيسر اياز ميمڻ سول جج فيملي ڪورٽ نڪاش دلاور آرائين سان گڏجي انجنيئر روڊس آفيس گهوٽڪي تي ڇاپو هنيو ته عملو فرار ٿي ويو. سرڪل آفيسر گهوٽڪي اياز ميمڻ ٻڌايو ته شڪايت ملي ته روڊس کاتي جي آفيس ۾ سب ڊويزن گهوٽڪي ۽ سب ڊويزن خانڳڙھ جي آيل اسڪيمن ۾ ڪرپشن ٿي آهي، اهڙي شڪايت تي ڇاپو هڻي رڪارڊ کي چيڪ ڪرڻ لاءِ تحويل ۾ ورتو آهي. سرڪل آفيسر موجب ته سب ڊويزن خانڳڙھ ۽ سب ڊويزن گهوٽڪي جي 20 اسڪيمن جو رڪارڊ چيڪ ڪيو ويندو ته روڊن لاءِ آيل بجيٽ ڪٿي ڪٿي خرچ ٿي آهي؟ اينٽي ڪرپشن پوليس جي ڇاپي دوران روڊ آفيس جو مک گيٽ بند ڪيو ويو هو.