گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ ڀرسان ڳوٺ محمد هاشم ڀٽيءَ ۾ پوليس ۽ پرائيويٽ ماڻهن جي گهر تي چڙهائي، عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد، متاثرن جو احتجاج، نوجوان کي کنڀي گم ڪرڻ جو الزام. ڳوٺاڻي مدد علي ڀٽيءَ جي گهر تي چڙهائيءَ خلاف احتجاج ڪندي بينظير ڀٽي، عابده خاتون، دعا خاتون، باقر علي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته پوليس ۽ بااثرن رڻ ٻاري ڏنو آهي. پوليس پرائيويٽ ماڻهن سان گڏجي گهرن تي چڙهائي ڪري عورتن مردن ٻارڙن تي سخت تشدد ڪيو. پوليس نوجوان مدد علي ڀٽي کي چوريءَ جي ڪوڙي الزام ۾ کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي. هنن ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته گمبٽ پوليس ۽ بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري کنڀيل نوجوان مدد علي ڀٽي کي آزاد ڪيو وڃي.