بدين (رپورٽر) بدين جي پولي ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ مقرر پرنسپال سيف الدين عباسي ۽ ٻيو دفعو بدلي ٿي آيل پرنسيپل پرشوتم رائي وچ ۾ چارج نه ڏيڻ تان تڪرار تيز ٿي ويو آهي، ۽ گذريل پندرھن ڏينهن کان هلندڙ تڪرار جي ڪري چار سئو کان وڌيڪ شاگردن جي تعليم خطري ۾ پئجي وئي آهي. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي بدلي ٿي آيل پرنسيپل پرشوتم رائي پنھنجي اخبارکي ٻڌايو ته ھو ھن ڪاليج تي اڳئي رھي چڪو آهي وري به سندس بدلي ٿي آهي جنهن کان پوءِ پولي ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ جوائننگ ڪرڻ باوجود کيس  ٺٽو بدلي ٿي ويل پرنسيپل سيف الدين عباسي خارج ڏيڻ لاءِ تيار ئي ناهي ۽ آفيس به بند هئڻ ڪري تعليمي ڪم به رولڙي شڪار ٿي ويو آهي، ٻئي پاسي پولي ٽيڪنيڪل ڪاليج جي ملازم علي چانڊيو پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته پرنسپال سيف الدين عباسي جي ٺٽي بدلي ٿي وئي ۽ سندس جاءِ تي پرنسيپل پرشوتم رائي مقرر ڪيو ويو پر خارج نه ملڻ ڪري نئو پرنسپل پرشوتم راءِ کي آفيس ملي نه ملي سگهي آهي جنھنجي ڪري تعليمي عمل رڪجي ويو آھي، ٻئي پاسي ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته بدلي ٿي ويل پرنسيپل سيف الدين عباسي پنهنجي بدلي واپس ڪرائڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيو آهي جڏهن ته ساڻس  رابطو ڪرڻ باوجود به سندس نمبر بند اچي رھيو ھو  جڏهن ته پولي ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ ٻن پرنسپل ۾ تڪرار سبب شاگردن جي تعليم سخت متاثر ٿيڻ باوجود به سنڌ جي تعليم کاتي طرفان ڪوبه نوٽيس ناهي ورتو ويو، بدين جي سڃاڻ ڌرين سنڌ حڪومت ۽ تعليم کاتي سنڌ کان مطالبو ڪيو آهي ته بدين جي ٻن پرنسپال ۾ هلندڙ تڪرار جو نوٽيس وٺي شاگردن جي تعليم متاثر ٿيڻ کان بچائي وڃي،