ڪوٽڙي: ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته ايس ايس پي ڄامشورو ڪراچي ۾ گرفتار ٿيل سي آءِ جي سمورن 6 اهلڪارن مٿان ڊپارٽمينٽل ڪارروائي ڪري کين ڊسمس فرام سروس ڪري ڇڏيو آهي، البته اهڙو آرڊر منظرعام تي اچي نه سگهيو آهي، ايس ايس پي موجب گرفتار ٿيل اهلڪارن مٿان سي 155 جي ايف آءِ آر پڻ داخل ڪئي ويندي، جڏهن ته ٻن منشين، انچارج سي آءِ اي ۽ لائين آفيسر سرور راهپوٽي خلاف پڻ ڊپارٽمينٽل ڪاروائي ڪرڻ لاءِ کين شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، شوڪاز نوٽيس جاري ٿيڻ بعد هڪ هفتي اندر جيڪڏهن جوابدارن مطمئن ڪندڙ جواب نه ڏنو ته کين به نوڪري کان فارغ ڪري سگهجي ٿو.