ڪوٽڙي: انتهائي باخبر ذريعن موجب چرس اسڪينڊل ۾ هٿ آيل 76 ڪلو چرس سي آءِ سينٽر جي هڪ بااثر عملدار پاران ڪراچي جي هڪ ٿاڻي جي ايس ايچ او جي حوالي ٿيڻو هو، ٻڌايو پيو وڃي ته گرفتار ٿيل 6 اهلڪارن منجهان 2 اهلڪارن انڪشاف ڪيو آهي ته هو وڏي منشي جي چوڻ تي اهو چرس کڻي وڃي رهيا هئا ۽ وڏو منشي ساڻن مسلسل رابطي ۾ هئو ۽ چرس لاءِ “گفٽ” جو ڪوڊ ورڊ استعمال ڪيو پئي ويو، وڏي منشي جي هدايتن تي سندس پاران ڏنل “گفٽ” ڪراچي جي هڪ ايس ايچ او جي حوالي ٿيڻي هئي پر ان کان اڳ هو رينجرز هٿان پڪڙجي پيا، ذريعن ٻڌايو آهي ته رينجرز هٿان پڪڙجڻ بعد موبائيل ۾ سوار اهلڪارن رينجرز آفيسر کي سي آءِ اي جي وڏي منشي سان ڳالهرايو، جنهن کيس چيو ته ڄاڻايل چرس سرڪاري پراپرٽي آهي، جنهن کي ليبارٽري ايگزامن ڪرائڻ لاءِ موڪليو ويو آهي، رات جو 10 وڳي سڀ سرڪاري ليبارٽريون بند هجڻ ڪري معاملو شڪي لڳي رهيو هئو، ان دوران وڏي منشي پاران واٽس ايپ تي رينجرز آفيسر کي ليبارٽري لاءِ لکيل ليٽر پڻ موڪليا ويا پر اهي ليٽر پڻ جعلي لڳي رهيا هئا، جنهن بعد رينجرز پڪڙيل جوابدارن کي چرس سميت ڪراچي سائوٿ جي ايس ايس پي جي حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن بعد معاملي جي حقيقت سامهون آئي. اهلڪارن پاران ڪيل انڪشافن موجب موبائيل ۾ 2 اهلڪار سموري معاملي کان واقف هئا، جڏهن ته 4 اهلڪار ان سموري معاملي کان اڻ واقف هئا.