ڪڻڪ خريداري جو عمل سست رفتاري جو شڪار، اٽي جو بحران ٿيڻ جو امڪان

0
303

اسلام آباد ( رپورٽ ايم بي سومرو) سڄي ملڪ ۾ ڪڻڪ خريداري جو عمل انتهائي سست رفتاري جو شڪار، اٽي جو بحران شديد ٿيڻ ۽ اٽو مهانگو ٿيڻ جا امڪان پيدا ٿي ويا آهن، تفصيل موجب3 مارچ 2020ع تي اي سي سي جي اجلاس ۾ ملڪ اندر لٿل ڪڻڪ جي فصل دوران سرڪاري سطح تي 63 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريداري جو حدف مقرر ڪيو ويو هو، جنهن ۾ پنجاب صوبي کي 35 لک ميٽرڪ ٽن، سنڌ صوبي کي 14 لک ميٽرڪ ٽن، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان صوبن کي هڪ هڪ لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريداري ڪرڻ جو حدف ڏنو ويو هو، جڏهن ته وفاقي اداري پاسڪو کي 12 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريداري جو ٽارگيٽ ڏنو ويو هو، پر وفاقي فوڊ سيڪيورٽي جي “پنهنجي اخبار” وٽ موجود تحريري دستاويز ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ملڪ اندر ڪڻڪ جي سرڪاري سطح تي خريداري جو عمل انتهائي سست رفتاري جو شڪار آهي، پنجاب مقرر حدف جي مقابلي ۾ 28 اپريل تائين رڳو 44.48 سيڪڙو ڪڻڪ خريداري ڪري سگهيو آهي، يعني پنجاب صوبو 35 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي خريداري جي حدف جي مقابلي ۾ هن وقت تائين رڳو 15 لک 56 هزار 828 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي خريداري ڪري سگهيو آهي، جڏهن ته سنڌ صوبو 28 اپريل تائين 14 لک ميٽرڪ ٽن حدف جي مقابلي ۾ رڳو 4 لک 76 هزار 492 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪري سگهيو آهي، سنڌ حڪومت مقرر ٽارگيٽ جي مقابلي ۾ رڳو 34.04 سيڪڙو ڪڻڪ جي خريداري ڪئي آهي، خيبر پختونخوا صوبي 28 اپريل تائين هڪ لک ميٽرڪ ٽن حدف جي مقابلي ۾ هڪ ميٽرڪ ٽن به ڪڻڪ خريد نه ڪئي آهي،بلوچستان صوبو مقرر ڪيل هڪ لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي خريداري حدف جي مقابلي ۾ رڳو 18 هزار 27 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪري سگهيو آهي، بلوچستان صوبو ڪڻڪ جي خريداري جي مليل حدف جي مقابلي ۾ رڳو 8.72 سيڪڙو ڪڻڪ خريد ڪئي آهي، وفاقي حڪومتي اداري پاسڪو ڪڻڪ خريداري جي 12 لک ميٽرڪ ٽن واري حدف جي مقابلي ۾ رڳو 3 لک 17 هزار 462 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪري سگهيو آهي، اهڙي ريت پاسڪو ڪڻڪ خريداري جي مليل حدف جي مقابلي ۾ هن وقت تائين رڳو 26.46 سيڪڙو ڪڻڪ خريد ڪري سگهيو آهي، جڏهن ته مجموعي طور تي ملڪ اندر سرڪاري سطح تي ڪڻڪ خريداري جي مقرر ڪيل 63 ميٽرڪ ٽن حدف جي مقابلي ۾ مجموعي طور تي رڳو 23 لک 68 هزار 809 ميٽرڪ ڪڻڪ جي خريداري ٿي سگهي آهي، جيڪو عمل مقرر ڪيل ڪڻڪ خريداري جي حدف جي مقابلي ۾ رڳو 37.60 سيڪڙو خريداري ٿيڻ جي نشاندهي ڪري ٿو، ڪڻڪ خريداري جو حدف مڪمل نه ٿي سگهڻ جا امڪان پيدا ٿي ويا آهن، جنهن ڪري ملڪ اندر سال دوران ڪڻڪ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ پرڏيهه مان ڪڻڪ جي امپورٽ ۾ اضافي ٿيڻ جو به خدشو پيدا ٿيو آهي، ملڪ اندر ڪڻڪ جي بحران ۽ اٽي جي قيمتن ۾ اضافي جا چٽا امڪان پيدا ٿيا آهن.