سنڌ ۾ڪامورن جي ترقين ۽ بدلين جو رڪارڊ ڪمپيوٽرائزڊ ڪرڻ وارو ڪم رولي ۾: مليل ڊيٽا به گم

0
334
ڪراچي: پينشن فنڊ ۾

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي ) سنڌ ۾ گريڊ 17 کان 19 تائين جي ڪامورن جي ترقين، بدلين ۽ مقررين جو رڪارڊ ڪمپيوٽرائزڊ ڪرڻ وارو ڪم رولڙي ۾ پئجي ويو، ڪامورن کان طلب ڪيل رڪارڊ به سروسز کاتي جي اختيارين کي نه مليو، 550 ڪامورن پاران اماڻيل تفصيلن مان به 40 کان مٿي ڪامورن جا تفصيل غائب ٿي ويا، ان حوالي سان ورتل مليل ڄاڻ موجب ته سنڌ سرڪار اسسٽنٽ ڪمشنرن، سيڪشن آفيسرن، اسسٽنٽ ڊائريڪٽرن، ڊپٽي سيڪريٽرين، ڊپٽي ڊائريڪٽرن، ايڊيشنل ڊائريڪٽرن، ڊپٽي ڪمشنرن، ايس ايس پيز توڙي ايڊيشنل سيڪريٽرين سميت گريڊ 17 کان گريڊ 19 تائين جي سمورن ڪامورن جي ترقين، مقررين ۽ بدلين وارن معاملن کي شفاف بڻائڻ لاءِ سندن سمورو رڪارڊ ڪمپيوٽرائزڊ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو، جنهن لاءِ ڄاڻايل گريڊن جي ڪامورن کان ڀرتي کان ويندي موجوده مقرري تائين ٿيل بدلين، مقررين وارن هنڌن، سينارٽي لسٽن ۽ مختلف وقتن تي مليل ترقين جا تفصيل طلب ڪيا ويا هئا، هن وقت تائين رڳو 550 ڪامورن سروسز کاتي جي اختيارين وٽ پنهنجا تفصيل جمع ڪرايا، سروسز کاتي جي ذريعن موجب کاتي جون اختياريون مليل ريڪارڊ محفوظ ڪري نه سگهيون، 550 مان 40 ڪامورن جو رڪارڊ گُم ٿي ويو، ڪامورن جي ترقين، مقررين ۽ بدلين سميت ٻين معاملن جو رڪارڊ ڪمپيوٽرائزڊنه هجڻ ڪري سروسز کاتي جي اپيل واري ونگ وٽ ڪامورن جون بدلين ۽ مقررين ۾ ناانصافين، ترقين ۾ ناجائزي ٿيڻ جون ڪيتريون ئي شڪايتون پيل آهن.