مٽياري : کلي ڪچهري ۾ صوفي يونيورسٽي جي استادن پاران پڪو نه ڪرڻ ۽ وي سي پاران حراسمينٽ ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو،ان موقعي تي اڳواڻن علي مراد، اعجاز کوسو، عروسه، زوجان،قرت العين، ماريه، نعيم، عامر،آمنه جو چوڻ هو صوفي يونيورسٽي جي وي سي اسانکي مختلف طريقن سان حراسمينٽ ڪري رهي آهي، وي سي اعلا عدالت جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪري رٽائرڊ پروفيسر کي رجسٽرار طور ڀرتي ڪيو آهي، جيڪو به اسانکي تنگ ڪري پيو، انهن خلاف ڪارروائي ڪري اسانکي ريگيولر ڪيو وڃي.