ڪُتن جي حملي ۾ زخمي ٿيل پٽ جي تڪليف ڏسي پيءُ دم ڏئي ڇڏيو

0
351

حيدرآباد ۾ گذريل ڏينهن ڪتن جي ڏاڙهڻ سبب زخمي ٿيل 3 ٻارڙن مان هڪ جي پيءُ صدمي ۾ دم ڏئي ڇڏيو آهي

جوڻيجا ڪالوني ۾ ڪتن جي  ڏاڙهيل زخمي نينگر جي والد صدمي  ۾ دم ڏنو، جنهن جو مڙهه اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو

گذريل ڏينهن 6 ورهين جي اسد، 5ورهين  جي مسينا ڌيءَ قاسم پٺاڻ ۽ 4ورهين  جي مروا پٺاڻ کي ڪتن ڏاڙهيو هو

پوليس موجب عبدالله بنگالي پٽ اسد کي زخمي حالت  ۾ ڏسڻ بعد صدمي ۾ بيهوش ٿيو هو  جيڪو اڄ اسپتال ۾ فوت ٿي ويو