ثاقب نثار جي پٽ نجم ثاقب جي پي ٽي آءِ جون ٽڪيٽون کپائڻ بابت مبينا آڊيو ليڪ

0
116

اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي پٽ نجم ثاقب جي پي ٽي آءِ جون ٽڪيٽون کپائڻ بابت مبينا آڊيو ٽيپ سامهون اچي وئي

 آڊيو ٽيپ ۾ نجم ثاقب پي ٽي آءِ جي اميدوار ابوذر چڍڙ سان ٽڪيٽ بابت ڳالهائيندي ٻڌڻ ۾ اچي ٿو، ابوذر نجم ثاقب کي چوي ٿو ته توهان جون ڪوششن نيٺ رنگ لاتو

نجم ثاقب پي ٽي آءِ اميدوار کي چوي ٿو ته منهنجي بابا سان اڄ ضرور ملو، نجم ثاقب ٻي فون ڪال دوران ميان عذير سان ڳالهائي ٿو

ٻي فون ڪال دوران ٽڪيٽن لاءِ مبينا طور پئسن جي ڳالهه ٻولهه به ڪئي وڃي ٿي