دادو (رپورٽ: فتاح شيخ) ڪيٽي جتوئي ۾ جتوئي ۽ شاهاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو نبيرو ٿي ويو.جتوئي برادري تي 50 لک ۽ شاهاڻي برادري تي 30 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو. نبيري لاءِ جرڳو دادو ۾ پ پ ايم اين اي رفيق احمد جمالي جي بنگلي تي مير منظور پنهور جي سر پئچي ۾ ٿيو، جنهن ۾ غلام مرتضي جتوئي، ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي، عابد جتوئي، قيوم جتوئي، چاڪر خان شاهاڻي، رٽائرڊ ڊي ايس پي محمد عمر شاهاڻي، رٽائرڊ ڊي ايس پي امان الله شاهاڻي، اڳوڻي يوسي چيئرمين عبدالله خان شاهاڻي، وڏي وزير جي ويجهي ساٿي امان الله شاهاڻي ۽ ٻين برادرين جي چڱن مڙسن شرڪت ڪئي. جرڳي دوران علي گوهر شاهاڻي ، مظهر الدين شاهاڻي ۽ بشير جتوئي ڌرين جي شاهدن ۽ امينن جي بيانن کانپوءِ شاهاڻي برادري جي ٻن ڄڻن منٺار علي ۽ طالب حسين شاهاڻي جي قتل جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي جتوئي برادري جي ڌر مٿان هڪ خون جي بها 25 لک رپيا مقرر ڪندي ٻن خونن جو 50 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو ۽ ڪيٽي جتوئي ۾ جي ڊي اي اڳواڻ غلام مرتضي جتوئي جي بنگلي تي حملو ڪرڻ جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي علي گوهر ۽ مظهر الدين شاهاڻي جي ڌر تي 30 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو ۽ ڪيٽي جتوئي تي حملي دوران وڏي تعداد ۾ سولر پليٽون ، بيٽريون ، بور مشينون ۽ ٻيون سامان جيڪو کنيو ويو اهو شاهاڻي برادري جا ماڻهون واپس ڪندا ۽ جيڪو سامان هنن ناهي کنيو ان جي هو هڪ مهيني اندر دادو ۾ پي پي ايم اين اي رفيق جمالي جي بنگلي تي ساک ڏيندا ۽ زمين جو معاملو دريائي وهڪرن ۾ لاٿ اچڻ کانپوءِ نبيريندا. دادو تعلقي جي حد ۾ ايندڙ زمين شاهاڻين ۽ نوشهرو فيروز جي حدن ۾ ايندڙ زمين غلام مرتضي جتوئي وارن جي هوندي ۽ 2021 ۾ ئي دادو ، نوشهروفيروز جا روينيو عملدار ۽ سيٽلمنٽ کاتي جي عملدارن ماپ ڪري دنگ ڪڍندا، انهيء دوران شاهاڻين جو مال ڪيٽي جتوئي ۾ ويندو ته شاهاڻي عبدالحليم جتوئي سان ۽ جيڪڏهن جتوئين جو مال شاهاڻين وٽ ايندو ته جتوئي محمد عمر شاهاڻي سان رابطو ڪندا، جيڪي کين مال واپس ڪرائيندا. انهيء دوران جيڪا ڌر اڳرائي ڪندي انهيء تي 50 لک رپيا ڏنڊ رکيو ويندو. ٻنهي ڌرين اهڙو فيصلو قبول ڪري ورتو، جنهن بعد ڌريون کير کنڊ ٿي ويون آهن .