ٺٽو ( رپورٽر ) ڪيٽي بندر ويجھو حجامڙو ڪريڪ ۾ لانچ مان ٻڏي ويل مهاڻي  جي لاش کي هٿ ڪري وارثن حوالي ڪيو ويو . رات دير سان ڪيٽي بندر ويجھو حجامڙو ڪريڪ ۾لانچ رب ستار مان ضلعي سجاول جي علائقي ڇڇ جھان خان واسي ماهيگير مينهن وسائي ڪلمتي جي لاش کي 18 ڪلاڪن جي لاڳيتي ڳولا  بعد هٿ ڪيو ويو. ڪيٽي بندر جي اسپتال مان ضروري ڪاروائي بعد واررثن حوالي ڪيو ويو جيڪي مڙھ کي ڳوٺ کڻائي ويا .