ڪوٽڙي ڪبير (ن پ ا) ڪوٽڙي ڪبير ۾ ننڍپڻ جي سڱابندي نه مڃڻ تان ناري اغوا جون مبينا ڌمڪيون ملي رهيون آهن. ان ڏس ۾ ريما جوڳي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ منھنجو ٻن سالن جي عمر ۾ ماءُ پيءُ قائم دين جوڳي ويٺل خانواھڻ کي زباني طور ڏيڻو ڪيو ھو، ھاڻي جوان ٿي وئي آھيان، مونکي ننڍ پڻ وارو ٿيل رشتو قبول ناھي، ڇوته قائم ھڪ لوڦر قسم جو ۽ ڦڏائي ماڻھو آھي، ان سان شادي نٿي ڪري سگھان، اھڙي مڙس ڪرڻ کان زھر کائي پاڻ کي ماري ڇڏينديس، ھن وڌيڪ ٻڌايو تہ سڄڻ جوڳي محرم جوڳي موليڏنو جوڳي رحمت علي جوڳي برڪت علي جوڳي ۽ قربان جوڳي منھنجي ماء پيء کي ڌمڪيون ڏين ٿا تہ اگر اسان کي سنڱ نه ڏنو ويو تہ پوء ريما کي زبردستي اغوا ڪري کڻي وينداسين، مٿيان ماڻھو مونکي اغوا ڪرڻ لاء ھر وقت وجھه جي تلاش ۾ آھن ، مونکي ھر وقت اغوا ٿيڻ جو خوف رھي ٿو، ريما جوڳي ايس ايس پي خيرپور ۽ نوشھروفيروز کان مطالبو ڪيو تہ مٿئين ماڻھن کي گرفتار ڪري تحفظ جي ضمانت وٺي اغوا ٿيڻ کان بچايو وڃي، نه ته ڪنھن وقت اغوا ٿي وينديس.