کهڙا (ن پ ا) ڳوٺ گولو واهڻ مان ناري نبيلا ڌيءَ محمد عمر چنا مبينا طور اغوا ٿي وئي آهي، ان سلسلي ۾ ناري جي پيءُ محمد عمر چنا جي فرياد تي کهڙا ٿاڻي تي 4 جوابدارن جاويد علي، نثار علي، ياسين علي ۽ سندن پيءُ ديدار علي چنو خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، فريادي موقف ۾ ڄاڻايو ته جوابدار گهر ۾ گهري آيا هٿيار سڌا ڪري اسان کي چپ رهڻ لاءِ چيو ۽ اسين هٿيارن جي خوف سبب چپ رهياسين، هو منهنجي ڌيءَ نبيلا کي زبردستي اغوا ڪري ويا. هوڏانهن کهڙا پوليس ڪيس ۾ نامزد جوابدار ياسين علي چني کي گرفتار ڪري ورتو آهي.