ڪوٽڏيجي ٽائون ڪميٽي جي وارڊ نمبر 5 تي ٻيهر پولنگ: ڊي اي اميدوار پاران ڌانڌلي جون دانهون

0
160

ڪوٽڏيجي ٽائون ڪميٽي جي وارڊ نمبر 5 تي ٻيهر پولنگ دوران جي ڊي اي اميدوار مير ساجن ٽالپر ڌانڌلي جا الزام هنيا آهن

 ساجن ٽالپور جو چوڻ آهي ته پوليس پ پ اميدوار جي ونگار وهندي اسان جي 20 کان وڌيڪ حمايتي ووٽرز کي کنڀي وئي آهي

ساجن ٽالپور جو چوڻ آهي ته کنڀيل ووٽرز ۾ عورتون به شامل آهن، اسان جي پولنگ ايجنٽ کي اندر اچڻ به نه پيو ڏنو وڃي

ڏوڪري ٽائون ڪميٽي جي وارڊ  نمبر 2 تي ٻيهر پولنگ دوران بيلٽ پيپرز ٻاهر اچي ويا، موبائيل فون جي استعمال تي پابندي باوجود ووٽرز پ پ اميدوار جي حمايت ۾ ووٽ ڏيڻ واريون تصويرون ڪڍي ورتيون، بيلٽ پيپرز تي ٺپي واريون تصويرون وائرل ٿي ويون