ڪوٽڏيجي قلعي مان گم ٿيل توپون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ

0
151

ڪراچي: ثقافت کاتي ڪوٽڏيجي قلعي مان کڄي ويل 6 توپون هٿ ڪري ورتيون آهن

ثقافت کاتي جي نگران صوبائي وزير موجب ڪوٽڏجي قلعي جون 6 توپون هٿ ڪيون ويون آهن

ڊاڪٽر جنيد شاهه موجب خيرپور پوليس لائن مان ٻه توپون واپس ڪرايون  ويون  آهن،توپون واپس ڪرائڻ تي آءِ جي سنڌ جو ٿورائتو آهيان ڊاڪٽر جنيد شاهه موجب2 توپون ڊي سي هائوس مان هٿ ڪيون ويون آهن، تاريخي توپون 30 سالن کان گم هيون

صوبائي وزير موجب توپن جي غير موجودگي تاريخي قلعي جي حيثيت کي متاثر ڪري رهي هئي