اڳوڻو صوبائي وزير مظفر شجراع نواز ليگ ۾ شامل

0
167

ملير: پاڪستان مسلم ليگ (ن) سنڌ جو صدر بشير ميمڻ سياسي سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون آهن، اڳوڻن صوبائي ۽ قومي اسيمبلي ميمبرز کي نواز ليگ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ جتن ڪيا پيا وڃن

نواز ليگ سنڌ جي صدر بشير ميمڻ وفد سان گڏ ابراهيم حيدري سان واسطو رکندڙ اڳوڻي صوبائي وزير مظفر شجراع وٽ پهتو، ساڻس ملاقات ڪئي

بشير ميمڻ مظفر شجراع ۽ عبدالرزاق شجراع کي نواز ليگ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني، جيڪا اُنهن قبولي ورتي آهي

اڳوڻي ايم اين اي ۽ صوبائي وزير مظفر شجراع ۽ عبدالرزاق شجراع نواز ليگ ۾ شامل ٿيڻ جو باضابطا اعلان پڻ ڪيو آهي