آپگهات، قتل؟ خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي امتحان کان هڪ ڏينهن اڳ پُراسرار نموني فوت

0
262
آپگهات، قتل؟ خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي امتحان کان هڪ ڏينهن اڳ پُراسرار نموني فوت
آپگهات، قتل؟ خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي امتحان کان هڪ ڏينهن اڳ پُراسرار نموني فوت

آپگهات، قتل يا فطري موت؟ خيرپور جي ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي سالياني امتحان کان هڪ ڏينهن اڳ پُراسرار نموني فوت ٿي وئي آهي

واقعي بعد ڪاليج انتظاميا ۾ ٿرٿلو پئجي ويو، شاگردياڻي کي رڪشا ۾ پهرين سول اسپتال، پوءِ اين آءِ سي وي ڊي منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرز سندس موت جي تصديق ڪئي

سنيا ڪُماري چوٿين سيميٽسر جي شاگردياڻي هئي، سڀاڻي سندس امتحان رٿيل هو

سنيا جو موت ڪيئن ٿيو؟ ڪنهن پهرين ڪنهن کي اطلاع ڏنو؟ واقعي تي ڪيترائي سوال جنم وٺڻ لڳا آهن

ڪاليج انتظاميا شروعاتي موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو