ڪوٽڏيجي (ن پ ا) ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ ڇوڏاهو جو نوجوان منصور احمد ولد محمد صالح سومرو غربت سبب مزدوري لاءِ لاهور ويل هو، جتي هو اليڪٽريشن جو ڪم ڪندو هو، ڪم ڪرڻ دوران چوٿين منزل تان هيٺ ڪري فوت ٿي ويو, وارثن پاران سندس مڙھ کي لاهور کان ڪوٽڏيجي آندو پيو وڃي نوجوان کي اڄ سندس آبائي قبرستان ڇوڏاهو ۾ تدفين ڪئي ويندي، هوڏانهن فوت ٿي ويل نوجوان جي خبر پوڻ تي سندس گهر ۾ ڪهرام متل هو.