ڌاٻيجي/ گهارو (رپورٽ: شبير علي ، فهد جوکيو) هڪ سال اڳ پسند جي شادي ڪندڙ بٺورو واسڻ جو ڌاٻيجي ويجهو فارم هائوس مان تشدد ٿيل لاش هٿ، ڀيڻ پاران مڙس تي قتل جو الزام. خبر موجب گذريل ڏينهن ڌاٻيجي پمپ هائوس لڳ فارم هائوس مان 32 ورهين جي زينت خاصخيلي جو تشدد ٿيل لاش هٿ آيو آهي. اطلاع ملڻ تي مقامي پوليس موقعي تي پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي ضروري ڪارروائي لاءِ صحت مرڪز گهارو پهچايو. مقتول عورت زينت جي ڀيڻ جمي خاصخيلي ٻڌايو ته گذريل سال بٺورو واسي جمال ملاح زينت سان پسند جو پرڻو ڪيو هو. گذريل رات دير سان جمال ملاح منهنجي گهر پهچي ٻڌايو ته تنهنجي ڀيڻ جي طبيعت ٺيڪ ناهي. ان کان پوءِ آئون اتي پهتيس ته جمال ملاح گهر کي ٻاهران ڪنڊي لڳائي فرار ٿي ويو. ھن الزام مڙھيندي وڌيڪ ٻڌايو ته اسان جي ڀيڻ زينت کي سندس مڙس جمال ملاح تشدد ڪري قتل ڪيو آھي، ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آهي ته الزام هيٺ آيل جمال ملاح مقامي فارم هائوس تي چوڪيدار آهي، جيڪو لاش ملڻ کان پوءِ فرار ٿي ويو آھي. ايس ايچ او ڌاٻيجي غلام علي لاکي ٻڌايو ته وارثن جا بيان ورتا ويا آھن، وڌيڪ جاچ ڪري قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. هوڏانهن مقتول زينت خاصخيلي جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ رورل ھيلٿ سينٽر گهارو آندو ويو پر ليڊي ڊاڪٽر موجود نه ھجڻ ڪري مڙهه ٻن ڪلاڪن تائين اسپتال ۾ پيل رهيو. ان تي وارثن لاش رکي قومي شاھراھ تي ڌرڻو هنيو. مقتول زينت جي ڀيڻ جمي دانهيندي چيو ته اسان کي 2 ڪلاڪ گذري ويا آھن پر ڊاڪٽرياڻي موجود نه هئڻ ڪري پوسٽ مارٽم نه ٿيو آهي. بعد ۾ انتظاميا وارثن سان ڳالھيون ڪري ليڊي ڊاڪٽر کي گهرائي روڊ کولرائي ڇڏيو.