ڪورونا جي علاج جا ساڍا 7 لک رپيا ؟؟

0
462

سکر: سکر جي نجي حرا اسپتال ۾ ڪورونا جي علاج جو هڪ اهڙو بل سامهون آيو آهي، جنهن ۾ 14 ڏينهن جي علاج جي لاڳت ساڍا 7 لک رپيا ٻڌائي وئي آهي. انهي بل ۾ آءِ سي يو روم ۽ آڪسيجن چارجز روز جا 10 هزار، ڊاڪٽر جي في هڪ وزٽ 2500 روپيا، آڪسيجن جا 2 لک روپيا الڳ، ليباريٽري رپورٽون 70 هزار روپيا، اهڙي ريت چوڏھن ڏينهن جو بل 750000 ساڍا ست لک روپيا ٺاھي ورتو. ان حوالي سان جڏهن اسپتال انتظاميه سان رابطو ڪيو ويو ته هنن ٻڌايو ته ھڪ مريض ثقافت کاتي پاران علاج ڪرائڻ لاءِ لاڳت معلوم ڪئي، هنن چيو ته غريب آھيون وڌ ۾ وڌ بل ٺاھيو ڇو جو پاس گھٽ ٿيندو آھي. اسپتال انتظاميا انتظاميه موجب ڄاڻايل اندازي وارو بل مريض جي چوڻ تي ٺاھيوسين ته جئين اُن جي ڀلائي ٿئي، باقي عام طور تي اِھي چاجرز نارمل آھن.